احتساب يا سياسي راند؟: شفيق شاڪر

بدقسمتيء سان پاڪستان هن وقت سياسي طور تي جنهن داخلي بي يقيني ۽ ڇڪتاڻ واري بحران مان گذري رهيو آهي انهيء مان نڪرڻ جو في الحال ڪو رستو نظر نٿو اچي.پاناما ليڪس واري معاملي جتي هڪ طرف ملڪ جي سياسي پد ۾ گھڻو اضافو ڪري ڇڏو آهي اتي قومي اهميت جا ڪيترائي اهم معاملا پوئتي ڌڪجي ويا آهن.پنهن جو اقتدار،سياست ۽ دولت بچائڻ جي هن سموري راند ۾ ملڪ جا حڪمران ۽ سياستدان اها ڳالھ به وساري ويٺا آهن ته اهڙو ملڪ جنهن ۾ اندروني توڙي ٻاهرين دهشتگرديء جي خلاف هڪ فيصلائتي جنگ وڙهي پيئي وڃي،جتي غيرملڪي قوتن قدم قدم تي سازشن جو ڄار وڇائي رکيو آهي،جنهن ملڪ ۾ اٽڪل اڍائي ڪروڙ ٻار صحيح کاڌو نه ملڻ ڪري ميل نيوٽريشن جو شڪار آهن،جتي ٻهراڙين جون لکين عورتون ميٽرنٽيء جون سهوليتون نه هئڻ ڪري پري پري جي اسپتالن تائين پهچڻ کان پهرين رستي ۾ ئي مريو وڃن. جتي بي روزگاري ۽ مهانگائيء جي ڪري روزانو ڪيترا ئي جيو پنهن جن جگر جي ٽڪرن سميت آپگھات جي منزل جا راهي بڻيل آهن.زندگيء جي ٻين ضرورتن ۽ سهوليتن جو ته ذڪر ئي ڪهڙو، اڄ به ملڪ جي آباديء جي اڪثريت پيئڻ جي صاف پاڻيء جي سهوليت کان محروم آهي،ان ملڪ جا حڪمران،سياستدان ۽ عوامي نمائندا هڪ ٻئي جون ڳچيون پٽيندي،هڪ ٻئي تي الزامن جي برسات وسائيندي ۽ هڪ ٻئي کي گارين جا گل پارائيندي نظر اچن ٿا.

هي سڀ ڪجھ ڇا آهي؟ جنهن کي ڏسو سو پنهن جو پاڻ کي پاڪ ۽ پوتر ۽ ٻئي کي گندو ظاهر ڪرڻ جي مقابلي ۾ اخلاقيات جون سڀ حدون اورانگھڻ ۾ هٻڪ محسوس نٿو ڪري. جيڪر پاڪستان جي هاڻوڪي صورتحال کي چند لفظن ۾ بيان ڪجي ته اهڙو ملڪ جيڪو ڪجھ اشرافيا طرفان وڌيڪ طاقت ۽ دولت حاصل ڪرڻ ۽ انهيء کي هر قيمت تي محفوظ۽سلامت رکڻ جي راند جو مرڪز بڻيل آهي.سياست جنهن جو پهرئين ڏينهن کان ئي اسان جي ملڪ ۾ اهو تصور رهيو آهي ته ڪنهن به طرح، ڪهڙي به ذريعي اقتدار جي ڪرسيء تائين پهچڻ ۽ پوء هر طرح سان قوم جو خزانو خالي ڪرڻ! اها ئي راند گذريل ستر سالن دوران هلندي پيئي اچي ۽ اڄ به وڏي شان سان جاري آهي.ڪڏهن اهو تماشو احتساب ۽ قومي سلامتيء جي نالي تي نازل ٿيل آمريتن ۽ ڪڏهن عوامي ڀلائي ۽ سياسي آزادين جي نعري جي بنياد تي قائم ٿيندڙ نام نهاد جمهوري حڪومتن جي صورت ۾ اها راند ٿيندي رهي آهي.انهن سموريء راند ۽ تماشي ۾ جيڪا ڌر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿي سو آهي ملڪ جو غريب عوام جنهن سان بار بار دوکو ڪيو وڃي ٿو،بار بار سندن اکين ۾ ڌوڙ وڌي وڃي ٿي.سوال ڪيو پيو وڃي ته آف شور ڪمپنين ۾ سيڙايل پئسو اوهان جو آهي يا نه؟ جواب اهو ٿو اچي ته ٻين سياستدانن جون به ته آف شور ڪمپنيون آهن. سوال ڪيو پيو وڃي ته انهن ڪمپنين ۾ سيڙايل پئسو ڪٿان آيو؟ جواب اهو ٿو اچي ته اسان ساري زندگي ديانتداريء سان ڌنڌو ڪيو آهي.

سوال ڪيو ٿو وڃي ته برطانيا ۾ اوهان جا فليٽ آهن يا نه؟ جواب اهوٿو اچي ته حڪومت خلاف سازش ڪئي پيئي وڃي.سوال ڪيو ٿو وڃي ته توهان پنهن جي ملڪيت جا تفصيل پارليامينٽ سامهون ظاهر ڇو نٿا ڪيو؟ جواب اهو ٿو ملي ته ڪجھ ڌرين کي موجوده حڪومت طرفان  غريب عوام جي لاء شروع ڪيل ترقياتي اسڪيمون نٿيون وڻن.هيء ڪهڙي لاجڪ ۽ ڪهڙو منطق آهي،سمجھ ۾ نٿو اچي.ان سموري بحران مان ٻاهر نڪرڻ جو هڪڙو ئي رستو ميان صاحب کي سندس ڏاهن ۽ بصيرت سان ڀريل وزيرن ۽ مشيرن بڌايو آهي سو اهو ته ” زبان بند ڪرايو پاليسي“ تي عمل ڪيو وڃي. ڪنهن کي لفافو،ڪنهن کي غيرملڪي دورن جو تحفو،ڪنهن کي وزارت ۽ مشيري ،ڪنهن کي ترقياتي اسڪيمن جي سوکڙي،ڪنهن کي ڪو سڻڀو سرڪاري عهدو.هن ملڪ ۾ قيمتون ته سدائين لڳنديون رهيون آهن ۽ وڏا وڏا ڦني خان به وڪبا رهيا آهن.اصولي سياست جا دعويدار هجن يا جمهوريت جي ديويء جا پرستار، انهن مان ڪوبه حقيقي احتساب نٿو چاهي،اهو مسئلو صرف حڪومت سان ناهي پر هن وقت جيڪي حڪومت جي ڪرپشن تي واويلا ڪري رهيا آهن انهن مان به مشڪل سان ڪو دل ۾ احتساب جي لاء راضي هجي.

پاناما ليڪس جو معاملو ڀلي اهم هجي پر ان تي هن وقت تائين صرف سياست ٿي رهي آهي.ڪي پنهن جي لاء حڪومت کان رعايتون وڌائڻ گھرن ٿا ته ڪي ڪرسيون خالي ٿيڻ جي صورت ۾انهن تي ٽپو ڏيئي ويهڻ گھرن ٿا ته ڪي عوام جو ڌيان پنهن جن ڪرتوتن کان هٽائڻ چاهين ٿا.انگريزيء جي چوڻيء مطابق؛

Everyone has one’s own axe to grind.” “يعني پٿر پرائو سور پنهن جا!

هي اجلاس،ڪميٽيون،ڪاروائيون،ڪميشنون.ٽي آر اوز،پنا،پيپر ۽ ڪاغذ صرف ماڻهن کي منجھائڻ ۽ وقت کي اڳتي ڌڪو ڏيڻ لاء آهن ته جيئن ڪيئن به ڪري نومبر جي نويد پهچي وڃي،ڪو گھر هليو وڃي پوء اهي ئي انڌيون اهي ئي جنڊ! ان خيال تي کل اچي ٿي ته هن هيڏي وڏي خواريء کان پوء ميان صاحب خود استعيفا ڏيئي گھر هليو ويندو.شايد طاقت ۽ دولت جو نشو اهڙي بي درد شيء آهي جو انسان جي بصارت توڙي بصيرت،عقل ۽ ادراڪ،اخلاقيات ۽ آدرش به کسيو وٺي.سو ميان ضاحب آخري وقت تائين ڪرسيء سان چنبڙيل رهندو ايستائين جو کيس ڪو کڻي ڪرسيء سميت ٻاهر ڦٽو نه ڪري.هن في الحال ان سڄي بحران جو جيڪو بهترين حل ڳولهي ڪڍيو ويوآهي سو آهي جلسا ڪرڻ جن جي ذريعي هو نه صرف پاڻ پر ٻين کان به اهڙي بازاري ٻولي ڳالهرائي رهيو آهي جنهن جو ملڪ جي وڏي ۾ وڏي انتظامي عهدي تي ويٺل هڪ عوامي ۽ جمهوري اڳواڻ کان تصور به نٿو ڪري سگھجي ته ٻئي طرف هو بين الاقوامي برادري ۽ پاڪستاني مقتدر حلقن کي اهو باور ڪرائي رهيو آهي ته پاڪستان جو عوام هن سان گڏ آهي.باقي رهي اپوزيشن ته ميان صاحب جي لاء اپوزيشن في الحال ڪو خطرو ناهي.هن کي جتان خطرو آهي اهو هو خوب سمجھي ٿو. جلسن ۾ سندس تند ۽ تيزلهجي جو نشانو اپوزيشن نه پر ڪي ٻيون ڌريون آهن جيڪي اڃا تائين وڏي صبر ۽ سهپ سان اهو سڀ تماشو ڏسي رهيون آهن پر جيڪر ميان صاحب کي اهو گمان آهي ته اهي هن سموري معاملي کان قطعي لاتعلق بڻجي وييون آهن ته اها سندس وڏي غلط فهمي ٿيندي.اهو صبر به ڪيستائين ٿيندو.حڪومت ۽ رياست جو پورو ڪار وهنوار مفلوج بنجي ويو آهي. سويلين ۽ مليٽري لاڳاپن ۾ شديد ڇڪتاڻ واري ڪيفيت ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي.نيب ۽ ٻين تحقيقات ادارن کي حڪومت طرفان ڪم کان روڪي ڇڏيو ويو آهي.حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جا غيرذميداراڻا بيان باه تي تيل جو ڪم ڪري رهيا آهن،سو معاملا گھڻي وقت تائين جيئن جو تيئن هلي نه سگھندا.                                                                                                   هڪ ڳالهه بهرحال ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪرپشن جي حوالي سان حڪمرانن کان ويندي اپوزيشن تائين سڀ ڪنهن حقيقي احتسابي نظام جي قيام جي حق ۾ ناهن.پر ڇا هن دفعي به اهي سڀ معاملا ماضيء جيان دٻجي ويندا ۽ عوام طرفان احتساب جي شديد خواهش اتي ئي دم ٽوڙي ڇڏيندي؟ دهشتگرديء جي جنگ پنهن جي منطقي انجام تائين پهچڻ کان پهرين ختم ٿي ويندي؟.لڳي نٿو ته عسڪري قيادت جيڪا عوام سان هيڏي وڏي ڪمٽمينٽ ڪري ويٺي آهي ۽ جنهن جنگ ۾ هزارين فوجي ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا ٻيا جوان پنهن جون جانيون قربان ڪري چڪا آهن،اهو سڀ ڪجھ ايئن اجايو لڙهي وڃڻ ڏنو ويندو،اهو اٽڪل ناممڪن لڳي ٿو.اهو ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ لاء انهن کي جيڪر ڪو آئيني رستو نه ڏنو ويو ته ڪجھ به ٿي سگھي ٿو جنهن جي ذميداري موجوده حڪمرانن ۽ سياستدانن تي ئي عائد ٿيندي. اهي جلسا جلوس ئي ڪنهن حڪومت جي مضبوطي ۽ مقبوليت جو پيمانو هجن ها ته 12 آڪٽوبر 2009ع کان پهرين به ان قسم جا جلسا ۽ ان قسم جي ئي زبان استعمال ٿي رهي هئي.شايد حڪمرانن اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته

” هم تو ڊوبين گي صنم، تم ڪو ڀي لي ڊوبين گي!“

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *