آپا مريم نوحاڻي جو وڇوڙو ؛غلام حسين خاصخيلي

سنڌ اها ڌرتي آهي، جنهن پنهنجي مٽيءَ مان ڪيتريون ئي اهڙيون املهه ماڻڪ شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو نه ڪو اهڙو ڪم ڪيو آهي جو سندن نالو جيئري ئي مڃتا ماڻڻ سان گڏ وڇڙي وڃڻ کانپوءِ سونهري لفظن سان تاريخ ۾ لکيل آهي. اهڙين ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان آپا مريم نوحاڻي به هڪ هئي. آپا مريم نوحاڻي پنهنجي سموري زندگي تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي گذاري ڇڏي. آپا مريم نوحاڻي نياڻين جي تعليم لاءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. آپا مريم نوحاڻي 72 سالن جي ڄمار ۾ ڪالهه هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. سندس وڇوڙي واري خبر تي سڄي سنڌ ڏکاري آهي. آپا مريم نوحاڻي هاڻ اسان وٽ جسماني طور موجود ناهي پر سندس ڪيل خدمتن عيوض پاڻ ايستائين زنده رهندي، جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي. اهڙين ئي املهه ماڻڪ شخصيتن لاءِ سنڌ جي سداحيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ هن طرح ڀيٽا ڏني آهي ته:

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

آپا مريم نوحاڻي 19 جون 1932ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. اسلامڪ ڪلچر ۽ مسلم هسٽري جي ليڪچرار طور خدمتون سرانجام ڏيندي تعيلم کاتي ۾ مختلف وڏن عهدن تي رهي. تعليم جي ميدان ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏيندڙ ۽ سنڌ ۾ نياڻين جي اعليٰ تعليم لاءِ پاڻ ارپيندڙ ام الڪلام آپا مريم سلطانه نوحاڻي 50 سالن تائين تعليم جي حوالي سان خدمتون سرانجام ڏنيون. آپا مريم سلطانه نوحاڻي سنڌ ۾ نياڻين جي اعليٰ تعليم، جديد ۽ روشن خياليءَ لاءِ پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي هئي. سندس شاگردياڻين ۾ مهتاب اڪبر راشدي، سلطانه صديقي، آپا خورشيد ميمڻ، سحر امداد ۽ ٻيون سون جي تعداد ۾ آهن، جن آپا جي تربيت سبب ملڪ گير شهرت ماڻي. آپا حيدرآباد جي زبيده ڪاليج جي انتظاميه ۾ به شامل رهي. پاڻ ڪاليج جي پرنسپال رهڻ کان وٺي ڪاليج جي ڊائريڪٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنائين. ميلاد پڙهڻ جي حوالي سان آپا مريم نوحاڻي به تمام گهڻي مڃتا ماڻي. نعت پڙهڻ جي حوالي سان آپا مريم دلشاد مرزا جهڙي نعت خوان شاگردياڻي پيدا ڪئي. آپا مريم سلطانه نوحاڻي کي ڪجهه ڏينهن اڳ تعليم جي حوالي سان 50 سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيڻ جي خدمت ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان سونو تاج پڻ پارايو ويو هو. آپا مريم سلطانه نوحاڻي کي خوش گفتار هجڻ ڪري ام الڪلام جي لقب سان نوازيو ويو هو. مرحومه مذهبي لاڙو رکندڙ هئي. ميلاد چوندي هئي. هن ايوان صدر توڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ به ميلاد جون محفلون منعقد ڪيون. وفات کان ٻه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ هڪ مذهبي تقريب ۾ پڻ هن ميلاد پڙهي هئي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ نياڻين جي اعليٰ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ بنيادي تعليمدان عورتن آپا ڊاڪٽر شمس عباسي، دادي ليلان کانپوءِ آپا مريم سلطانه نوحاڻي جو نالو اچي ٿو، جنهن انهن وانگر تعليم جي ميدان ۾ نياڻين لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ڪاليج ۾ ادبي، علمي ۽ ثقافتي تقريبون ڪرائڻ سان گڏ ميلاد به ڪرائيندي هئي. آپا مريم نوحاڻي تعليم جي ميدان ۾ خدمتون ڪندي محنت سان ڊائريڪٽر ڪاليجز جي عهدي تائين پهتي.

هوءَ ماهر تعليم هئي ۽ ميلاد جي محفلن ۾ شاندار گفتگو ڪرڻ تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کيس پاڻ وٽ ميلاد لاءِ گهرائيندي هئي. سنڌ ۾ نياڻين جي حوالي سان تعليم جي تمام گهڻي کوٽ واري صورتحال کي ڏسندي نياڻين جي تعليم کي گهر گهر پهچائڻ لاءِ آپا مريم نوحاڻي تمام وڏي جدوجهد ڪئي. سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ڳو‎‎ٺ هئا، جتي نياڻين کي تعليم نه ملندي هئي ۽ اُتي نياڻين جي اسڪولن جي به کوٽ هئي. آپا مريم نوحاڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومتي دورن ۾ سنڌ جي مختلف ڳوٺن جي نشاندهي ڪري ڏني ۽ پوءِ اُتي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪم تي نياڻين جا اسڪول قائم ٿيا ۽ انهن اسڪولن ۾ نياڻين تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. آپا مريم نوحاڻي جنهن جذبي سان تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. ٻين عورتن کي به گهرجي ته اهي به آپا مريم نوحاڻي وانگر تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏين. نياڻين جي تعليم لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. سنڌ جي جنهن به علائقي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ نياڻيون نه پڙهنديون هجن ۽ اسڪول نه هجي ته اُتي تعليم کولرائڻ لاءِ آپا مريم نوحاڻي وانگر جدوجهد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اسان سڀني جي مٿان اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اسان تعليم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀرپور نموني سان خدمت ڪريون. جيڪڏهن اسان جون نياڻيون تعليم جي ميدان ۾ اڳتي هونديون ته اسان جو معاشرو ڀرپور نموني سان ترقي ڪري سگهندو. پڙهيل لکيل نياڻي بهترين طريقي سان گهر کي هلائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ٻارن جي پالنا ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي سگهي ٿي. آپا مريم نوحاڻي جو وڇوڙو ڏکائيندڙ آهي پر هن دنيا ۾ جنهن ماڻهو جو جنم ٿيو آهي،

ان کي هڪ نه هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏڻي آهي. ان ڪري هر ماڻهو کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سندس نالو مرڻ کانپوءِ زنده رهي. جيڪو انسان هن دنيا ۾ بهتر ڪم ڪري ٿو ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ، تعليم لاءِ يا ٻئي ڪنهن انسان جي ڀلائي لاءِ جيڪو به سماجي ڪم ڪري ٿو، ان جو نالو جيئري به مڃتا ماڻي ٿو ۽ وڇوڙي کانپوءِ به سندس نالو سونهري لفظن سان تاريخ ۾ لکيل رهيل ٿو ۽ ماڻهن جي زبان تي به رهي ٿو. آپا مريم نوحاڻي جنهن جذبي سان تعليم جي ميدان ۾ نياڻين لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون ۽ اسان اها ئي اُميد ڪريون ٿا ته سنڌ جون نياڻيون آپا مريم نوحاڻي وانگر تعليم لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪنديون ۽ سندن اهڙو ئي جذبو دنيا ۾ ثابت رهيو ته اهي آپا مريم نوحاڻي وانگر خدمت ڪري سنڌ جو نالو روشن رکنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *