آمريڪا ۾ ڪَرُ کڻندڙ مسلم مخالف مهم: بابر امجد

آمريڪي ري پبلڪن پارٽي جي سياستدان ۽ آمريڪا جي ايندڙ صدارتي چونڊ جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ڊونلڊ ٽرمپ مسلمانن جي آمريڪا اچڻ تي مڪمل پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو  آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو بيان گذريل هفتي ڪيليفورنيا ۾ ٿيندڙ اُن حملي کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هڪ مسلمان جوڙي مبينا طور فائرنگ ڪري 14 ماڻهن کي ماري ڇڏيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ جي مشيرن ان بيان جي وڌيڪ وضاحت ناهي ڪئي. سومر جي رات يارڪ ٽائون ۾ پنهنجي 55 منٽن جي تقرير ۾ ٽرمپ چيو ته ”حالات خراب کان خراب ٿيندا پيا وڃن ۽ هڪ دفعو ٻيهر ورلڊ ٽريڊ سينٽر جهڙي وڌيڪ حملي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.“ وائيٽ هائوس پاران ٽرمپ جي ان بيان کي آمريڪي قدرن جي نفي قرار ڏنو ويو آهي.

وائيٽ هائوس ۾ صدر باراڪ اوباما جي پرڏيهي معاملن جي مشير بن روهڊز ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ”اسان جي شهري قانون ۾ مذهب جو احترام ۽ مذهبي آزادي شامل آهي.“ ري پبلڪن سياسدان ٽرمپ ڪجهه عرصي کان نهايت ئي بي باڪي سان مسلمانن جي خلاف بيان ڏئي رهيو آهي، پيرس ۾ دهشتگردن جي حملي ۽ هاڻ ڪيليفورنيا ۾ ٿيل دهشتگردي جي تازي واقعي بعد ڊونلڊ ٽرمپ  جي طرف کان مسلمانن جي خلاف ڏنل بيانن تي آمريڪي مسلمان برادري سميت ٻين سياسي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي. گذريل مهيني ٽرمپ اها دعويٰ ڪئي هئي ته نائن اليون جي دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ هن نيوجرسي جي ڪجهه علائقن ۾ هزارن جي تعداد ۾ خوشي ملهائيندڙ ماڻهن کي ڏٺو هو، جن ۾ وڏي تعداد ۾ عرب ڄاوا آمريڪي مسلمان به شامل هئا.

ٽرمپ جي مسلمانن خلاف ڏنل تازي بيان ڊيموڪريٽس سان گڏوگڏ خود ريپبلڪنز جي حلقن ۾ ڪجهه سٺو تاثر ناهي ڇڏيو.  سوشل ميڊيا تي مائڪرو بلاگنگ ويب سائٽس ٽوئيٽر تي ري پبلڪن سياستدانن ٽرمپ تي تنقيد ڪئي آهي، جيڪو صدارتي اليڪشن جي مهم ۾ بطور اُميدوار شامل آهي. مثال جي طور تي آمريڪي رياست فلوريڊا جي اڳوڻي گورنر جيب بُش پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو پيغام پوسٽ ڪيو: ”ٽرمپ جي پاليسين جي پيشڪش سنجيده نه آهي.“

هوڏانهن صدارتي اليڪشن جي اهم ڊيموڪريٽڪ اُميدوار هليري ڪلنٽن ٽرمپ جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته ”اهو طعنو ڏيڻ، تعصب ۽ معاشري کي ورهائڻ جي ڪوشش آهي.“ هليري ڪلنٽن چيو ته اهڙي طرح جي بيانن مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ڪلنٽن لکي ٿي ته ”ٽرمپ جهڙن بيانن سان اسان جون زندگيون وڌيڪ غير محفوظ ٿي وينديون.“

ڪلنٽن جي هڪ سياسي دوست ۽ ڊيموڪريٽڪ سياستدان مارٽن او مالي ٽرمپ جي بيان جي مذمت ڪندي هن کي ”فاشسٽ ۽ جذباتي“ قرار ڏنو آهي.

مسلم دنيا ۾ ٽرمپ جي بيان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ۽ انڊونيشيا ٽرمپ جي مسلمان مخالف بيان جي مذمت ڪندي هن کي تعصب ڦهلائڻ وارو سياسي ليڊر قرار ڏنو آهي ۽ چيو ته هن جا بيان تشدد کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. پاڪستان جي معروف هيومن رائٽس اڳواڻ عاصمه جهانگير جو چوڻ آهي ته ”ٽرمپ جو بيان ايترو مذاق جوڳو آهي جو مان ان تي ردعمل ظاهر ڪرڻ به پسند نه ٿي ڪريان.“ هن جي بقول ”آمريڪي صدر بڻجڻ جو اُميدوار ڪو سياسي ليڊر ڪهڙي طرح اهڙي جهالت ۽ تعصب تي ٻڌل بيان ڏئي سگهي ٿو. ٽرمپ جو بيان پاڪستان جي ڪنهن جاهل ۽ تعصبي مُلا جي بيان جو مقابلو ڪري ٿو، جيڪو ٻين مذهبن جي مڃڻ وارن جي مذمت ڪندو رهندو آهي. اسان آمريڪا جيترا ترقي يافته ناهيون پر پوءِ به اسان اڄ تائين اهڙي شخص کي صدارتي منصب جي لاءِ منتخب ناهي ڪيو.“ جڏهن ته پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي سربراهه طاهر اشرفي چيو آهي ته ”ٽرمپ جو بيان تشدد کي هوا ڏيڻ وانگر آهي.“ هن وڌيڪ چيو آهي ته ”جيڪڏهن ڪو چوي ته مسلمانن ۽ مسيحن  جي وچ ۾ جنگ جاري آهي ته اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا ته پوءِ آخر ڪنهن آمريڪي جي اهڙي بيان جي مذمت ڇو نه ڪئي وڃي؟“

ڪيليفورنيا واقعي کانپوءِ آمريڪي صدر باراڪ اوباما پنهنجي هڪ غير معمولي عوامي خطاب ۾ دهشتگردي جي هڪ نئين لهر تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ”هن جنگ کي دهشتگردي ۽ اسلام جي جنگ نه سمجهڻ گهرجي.“ آمريڪي صدر آچر جي رات وائيٽ هائوس جي اوول آفيس مان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ”دهشتگردي جي هن نئين لهر ۾ آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي ذهنن کي خراب ڪرڻ، انهن ۾ زهر ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”ان صورتحال کان گهٻرائڻ نه گهرجي ڇو ته ’آزادي خوف کان وڌيڪ طاقتور آهي.‘ آچر جي رات آمريڪي صدر جو اهو خطاب گذريل هفتي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي تناظر ۾ هو. گذريل اربع ڏينهن آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي علائقي سان برنارڊينو ۾ هڪ چرچ ۾ معذور ماڻهن جي تقريب ۾ هڪ جوڙي فائرنگ ڪري 14 ماڻهن کي قتل  ۽ 21  ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو هو.

اوباما پنهنجي  خطاب ۾ چيو ته ”مون کي معلوم آهي ته ايڏي وڏي جنگ جدل کانپوءِ آمريڪي اهي سوال ڪري رهيا آهن ته  ڇا اسان اهڙي سرطان جو شڪار ٿي ويا آهيون، جنهن جو ڪو به علاج ممڪن ناهي؟“ اوباما چيو ته ”دهشتگردي جا خطرا حقيقي آهن پر آمريڪا انهن کي منهن ڏيندو.“ اوباما وڌيڪ  چيو ته ”ڪيليفورنيا ۾ فائرنگ ڪندڙ جوڙي جو سڌو سنئون ڪنهن دهشتگرد تنظيم سان لاڳاپن جي شاهدي ناهي ملي ۽ نه ئي اهو ثابت ٿيو آهي ته حملو ڪنهن غير ملڪي  دهشتگرد نيٽ ورڪ پاران ڪنهن وڏي حملي جي تياري جو حصو هو پر  ”حملي آور جوڙو  انتهاپسندي جي ڪاري اونداهي رستي نڪتا هئا.“ آمريڪي  صدر باراڪ اوباما چيو ته ”جيڪڏهن اسان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ چاهيون ٿا ته اسان کي مسلمان برادري کي مضبوط ترين اتحادي جي طور تي گڏ کڻڻو پوندو ۽ هنن کي شڪ  و شبهن ۽ نفرت جو شڪار ٺاهي الڳ نه ٿو رکي سگهجي.“ اوباما پرڏيهي کاتي ۽ هوم لينڊ سيڪيورٽي جي کاتي کي ”فيانسي ويزا“ يعني مڱڻي جي ويزا تي ايندڙ ماڻهن لاءِ اسڪريننگ جي عمل کي سخت ڪرڻ جا پڻ حڪم ڏنا آهن. ڇوته ڪيليفورنيا ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ مبينا ملوث عورت تاشفين به شايد اهڙي ويزا جي ذريعي آمريڪا پهتي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *