آمريڪا ۾ هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪرٽيڪ پارٽي طرفان آمريڪا جي صدارت لاءِ نامزد هيلري ڪلنٽن کي سخت مقابلو آڏو آهي. اڄ جي آمريڪي سياست ۾ سڀ کان مقبول ٿيندڙ برني سينڊرس هڪ طوفان کنيو بيٺو آهي. پاڻ کي ”سوشلسٽ“ سڏرائيندڙ برني سينڊرس جا نعرا ۽ آمريڪي صدارتي چونڊ سياست ۾ ان جي داخلا ايئن آهي جيئن سٺ جي ڏهاڪي واري پاڪستان جي سياست ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي هُئي جنهن ”ماني، ڪپڙي ۽ اجهي“ جي نعري سان انٽري ڪئي هئي. فرق رڳو اهو آهي ته هو ويهين صدي جي ٽين دنيا جي ملڪ ۾ برڪلي پلٽ ذوالفقار علي ڀٽو جو پنهنجي ئي باس پر فوجي آمر ايوب خان سان مقابلو هو ۽ هتي ايڪويهين صدي جي آمريڪا ۾ پولش پناهگير جي اولاد برني سينڊرس جي للڪار آمريڪي سرمائيداراڻي نظام جي اعصابي مرڪز وال اسٽريٽ جنرل کي آهي ۽ اهو ”آمريڪا ۾ سياسي انقلاب“ آڻڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڳالهه ڪري ئي هو آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن سان اڻويهه ويهه جي فرق سان سرسي تي آهي. دنيا جي هن سڀ کان آڳاتي جمهوريت ۾ ٻه جماعتي ۽ صدارتي نظام آهي جتي آمريڪي صدارت لاءِ به اميدوارن جي نامزدگي لاءِ به ٻئي پارٽيون پنهنجن چونڊيل نمائندن ذريعي ڪنديون آهن. اها چونڊ ٻنهي جماعتن جا ووٽر ڪندا آهن. پر برني سينڊرس آمريڪي سياسي نظام ۽ حڪومتي نموني کي تبديلي جي ڪنڌيءَ تي اچي بيهاريو آهي. اها تبديلي جيڪا جمهوريت ۾ ووٽ ذريعي آندي ويندي آهي. ٻين لفظن ۾ اهو چوڻو پوندو ته اها ديگ جيڪا آمريڪا ۾ صدر بارڪ اوبامه چاڙهي هئي ان جو ڍڪڻ لاهڻ لاءِ شايد آمريڪي تاريخ برني سينڊرس جي نالي لکيو آهي. ممڪن آهي ته اها تحرير ڀت تي لکيل ملي وڃي، ڪهڙي خبر! ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو وائيٽ هائوس جنهن جي اڏاوت جي بنيادن ۾ ڪاري نسل جي غلامن جو رت ۽ پگهر شامل هو ان جو مالڪ هڪ ڏينهن آفريقي آمريڪي ڄائو براڪ حسين اوبامه بڻجي ويندو جيڪو آمريڪي تاريخ ۾ بقول شخصي ابراهم لنڪن کانپوءِ ٻيو آمريڪي صدر هوندو جنهن جو نالو تاريخ جي اهم تبديلي جي حوالي سان ايندو. اوبامه جو اهو مشهور نعرو آهي ته ”بلڪل اسان بدلجي سگهون ٿا يا تبديلي آڻي سگهون ٿا“. برني سينڊرس آمريڪا جي بدلجندڙ تاريخ جو تسلسل آهي. صدر اوبامه جيڪو عملي طور تي ايندڙ سال جنوري م پنهنجي عهدي تان پنهنجي ڪابينه ايستائين جو پنهنجي انتظاميا ۽ ٺاهيل بيورو ڪريسي سوڌو هٽي ويندو. پنهنجي ڪم جي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو. صدر اوبامه جا غير روايتي پر آمريڪي تاريخي قدرن سان ٺهڪندڙ ڪيترائي سڌارا ۽ ڪم ياد ڪيا ويندا. ٻه ڀيرا صدارتي عهدي تي چونڊجڻ دوران سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو ريپبلڪنز ۽ هڪ هٽي سرمائيدار جن کي ”اسپيشل انسٽريٽ گروپس“ چيو ويندو آهي جن ۾ صحت جي انشورنس ۽ ميڊيڪل لابي يا دوائون ٺاهڻ جي صنعت انتهائي منافعي پرست آهي ۽ انهن لابين جي دٻاءُ سبب هن وقت تائين ڪينسر جي بيماري جي دوا نه ٺهي سگهي آهي. اهڙي ماحول ۾ اوبامه ڪيئر آهي جنهن ۾ هر آمريڪي يا آمريڪا ۾ رهندڙن لاءِ صحت جي انشورنس هجڻ لازمي قرار ڏني وئي نه هجڻ غير قانوني ۽ ڏوهه آهي. عراق جنگ جي پڄائي، افغانستان مان واپس فوجون گهرائڻ، جنسي ۽ ازدواجي هڪجهڙائي، گوانٽا ناموبي جيل جو لڳ ڀڳ بند ٿيڻ، ايران ۽ ڪيوبا سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ گن ڪنٽرول يا بندوق رکڻ جي قانونن کي سخت ڪرڻ، سمورن اقليتن ڏانهن همدردي ۽ برابري وارين پاليسين جي حوالي سان آمريڪا جي صدر بارڪ حسين اوبامه جي سڌارن ۽ ڪارنامن جي ذڪر بنا آمريڪي تاريخ اڻپوري هوندي. صدر اوبامه جون اسٽيم سيل ريسرچ جي فنڊنگ وڌائڻ جون ساراهه جوڳيون ڪوششون به اهم آهن. پاڪستان ڏانهن سندس رويو ڪهڙو رهيو؟ ان تي اوبامه جا ڪيترائي نقاد آهن پر مان رڳو ايترو چوندس ته جيڪڏهن اوباما 2007ع ۾ آمريڪي صدر هجي ها ته شايد بينظير ڀٽو قتل نه ٿئي ها ۽ شايد پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سفارتي ۽ غير سفارتي امن ڪوشش پٺيان به صدر اوبامه جي خواهش جو وڏو دخل هجي ها. نه ته ڪٿي ڀارت جي ڊونلڊ ٽرمپ ذهنيت مودي ۽ ڪٿي پاڪستان جو دورو! جتان جي سياست ۽ رياست ۾ به ڪيترائي ڊونلڊ ٽرمپ رهن ٿا. تازو اوبامه جي اسٽيٽ آف دي يونين کي ڪيل آخري خطاب ۾ نيويارڪ پوليس (جيڪا هڪ شهر جي پوليس کان وڌيڪ عالمي پوليس لڳندي آهي)پاڪستاني ڄائي نوجوان مسلمان آفيسر کي گهرائڻ سان گڏ آمريڪي معاشري ۾ مسلم ڪميونٽي جي مثبت ڪردار ۽ آمريڪا جي ترقي ۽ سلامتي ۾ ان جي حصي کي نمايان ڪرڻ، اقليتن جي حقن جي حوالي سان آمريڪي ڪميونٽيز ۾ ياد رکيو ويندو. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سوڌو سياست ۽ سرمائي جو نسل پرست ساڄي ڌر جا حواري گڏيل آمريڪي رياست جي آئين ۽ قانون جي ابتڙ مسلمانن ۽ ٻين پناهگير اقليتن کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن اهڙي وقت ۾ صدر اوبامه جي بالٽي مور جي هڪ مسجد ۾ وڃي خطاب ڪرڻ ۽ اهو چوڻ ته اوهان فقط مسلمان آهيو يا آمريڪي مسلمان آهيو، انتهائي علامتي ۽ خير جو عمل آهي. ساڄي ڌر ۽ ريپبلڪنز صدر اوبامه سان به ان جي ٻنهي صدارتي دورن ۾ اهڙو ئي ورتاءُ ڪيو جهڙو پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي اصل وڏن چوڌرين جو پ پ سان آهي. سو ڳالهه پئي هلي آمريڪي سياست جي ڀٽو ”برني سينڊرس“ جي جنهن کي آمريڪا جي اڪثريت خاص طور تي نوجوانن جي وڏي حمايت حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته هو جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي اهي هتان جي ڪارپوريٽ آمريڪا ۾ اڳ چوڻ، سوچڻ به ناممڪنات مان هڪ هيون پر هاڻي اهي آمريڪن جي اڪثريت جي دل ۽ زبان تي آهن. جيتوڻيڪ ڪيئي سرخا ۽ درسي ڪتب سوشلسٽ برني سينڊرس کي سوشلست نٿا مڃين پر برني سينڊرس جيڪو به آهي سو چوي ٿو ته آمريڪا ۾ سياسي انقلاب ۽ اقتصادي برابري جي گهرج آهي، جتي سموري دولت ۽ سرمايو فقط ٻه سيڪڙو يعني وال اسٽريٽ جي سرمائيدارن جي هٿن ۾ آهي. هي تعليم ۽ علاج مفت ڪرڻ چاهي ٿو. برني آمدني جي اڻ برابري واري ليڪ کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هو جنگ جي خلاف آهي ۽ هيلري ڪلنٽن جي ابتڙ سينيٽ ۾ هن عراق جنگ جي خلاف ووٽ ڏنو هو. سو سوڀ برني جي ٿئي ٿي يا هيلري ڪلنٽن جي. تاريخ ۾ اها فتح آمريڪا ۽ ان جي عوام جي ٿيندي ڇاڪاڻ ته عورت جو آمريڪا جي پهرين صدر ٿي اچڻ به آمريڪا ۾ وڏي تبديلي جو سبب بڻبو.: حسن مجتبيٰ

آمريڪا ۾ هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪرٽيڪ پارٽي طرفان آمريڪا جي صدارت لاءِ نامزد هيلري ڪلنٽن کي سخت مقابلو آڏو آهي. اڄ جي آمريڪي سياست ۾ سڀ کان مقبول ٿيندڙ برني سينڊرس هڪ طوفان کنيو بيٺو آهي. پاڻ کي ”سوشلسٽ“ سڏرائيندڙ برني سينڊرس جا نعرا ۽ آمريڪي صدارتي چونڊ سياست ۾ ان جي داخلا ايئن آهي جيئن سٺ جي ڏهاڪي واري پاڪستان جي سياست ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي هُئي جنهن ”ماني، ڪپڙي ۽ اجهي“ جي نعري سان انٽري ڪئي هئي. فرق رڳو اهو آهي ته هو ويهين صدي جي ٽين دنيا جي ملڪ ۾ برڪلي پلٽ ذوالفقار علي ڀٽو جو پنهنجي ئي باس پر فوجي آمر ايوب خان سان مقابلو هو ۽ هتي ايڪويهين صدي جي آمريڪا ۾ پولش پناهگير جي اولاد برني سينڊرس جي للڪار آمريڪي سرمائيداراڻي نظام جي اعصابي مرڪز وال اسٽريٽ جنرل کي آهي ۽ اهو ”آمريڪا ۾ سياسي انقلاب“ آڻڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڳالهه ڪري ئي هو آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن سان اڻويهه ويهه جي فرق سان سرسي تي آهي. دنيا جي هن سڀ کان آڳاتي جمهوريت ۾ ٻه جماعتي ۽ صدارتي نظام آهي جتي آمريڪي صدارت لاءِ به اميدوارن جي نامزدگي لاءِ به ٻئي پارٽيون پنهنجن چونڊيل نمائندن ذريعي ڪنديون آهن. اها چونڊ ٻنهي جماعتن جا ووٽر ڪندا آهن.

پر برني سينڊرس آمريڪي سياسي نظام ۽ حڪومتي نموني کي تبديلي جي ڪنڌيءَ تي اچي بيهاريو آهي. اها تبديلي جيڪا جمهوريت ۾ ووٽ ذريعي آندي ويندي آهي. ٻين لفظن ۾ اهو چوڻو پوندو ته اها ديگ جيڪا آمريڪا ۾ صدر بارڪ اوبامه چاڙهي هئي ان جو ڍڪڻ لاهڻ لاءِ شايد آمريڪي تاريخ برني سينڊرس جي نالي لکيو آهي. ممڪن آهي ته اها تحرير ڀت تي لکيل ملي وڃي، ڪهڙي خبر!

ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو وائيٽ هائوس جنهن جي اڏاوت جي بنيادن ۾ ڪاري نسل جي غلامن جو رت ۽ پگهر شامل هو ان جو مالڪ هڪ ڏينهن آفريقي آمريڪي ڄائو براڪ حسين اوبامه بڻجي ويندو جيڪو آمريڪي تاريخ ۾ بقول شخصي ابراهم لنڪن کانپوءِ ٻيو آمريڪي صدر هوندو جنهن جو نالو تاريخ جي اهم تبديلي جي حوالي سان ايندو. اوبامه جو اهو مشهور نعرو آهي ته ”بلڪل اسان بدلجي سگهون ٿا يا تبديلي آڻي سگهون ٿا“. برني سينڊرس آمريڪا جي بدلجندڙ تاريخ جو تسلسل آهي.

صدر اوبامه جيڪو عملي طور تي ايندڙ سال جنوري م پنهنجي عهدي تان پنهنجي ڪابينه ايستائين جو پنهنجي انتظاميا ۽ ٺاهيل بيورو ڪريسي سوڌو هٽي ويندو. پنهنجي ڪم جي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو. صدر اوبامه جا غير روايتي پر آمريڪي تاريخي قدرن سان ٺهڪندڙ ڪيترائي سڌارا ۽ ڪم ياد ڪيا ويندا. ٻه ڀيرا صدارتي عهدي تي چونڊجڻ دوران سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو ريپبلڪنز ۽ هڪ هٽي سرمائيدار جن کي ”اسپيشل انسٽريٽ گروپس“ چيو ويندو آهي جن ۾ صحت جي انشورنس ۽ ميڊيڪل لابي يا دوائون ٺاهڻ جي صنعت انتهائي منافعي پرست آهي ۽ انهن لابين جي دٻاءُ سبب هن وقت تائين ڪينسر جي بيماري جي دوا نه ٺهي سگهي آهي. اهڙي ماحول ۾ اوبامه ڪيئر آهي جنهن ۾ هر آمريڪي يا آمريڪا ۾ رهندڙن لاءِ صحت جي انشورنس هجڻ لازمي قرار ڏني وئي نه هجڻ غير قانوني ۽ ڏوهه آهي. عراق جنگ جي پڄائي، افغانستان مان واپس فوجون گهرائڻ، جنسي ۽ ازدواجي هڪجهڙائي، گوانٽا ناموبي جيل جو لڳ ڀڳ بند ٿيڻ، ايران ۽ ڪيوبا سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ گن ڪنٽرول يا بندوق رکڻ جي قانونن کي سخت ڪرڻ، سمورن اقليتن ڏانهن همدردي ۽ برابري وارين پاليسين جي حوالي سان آمريڪا جي صدر بارڪ حسين اوبامه جي سڌارن ۽ ڪارنامن جي ذڪر بنا آمريڪي تاريخ اڻپوري هوندي. صدر اوبامه جون اسٽيم سيل ريسرچ جي فنڊنگ وڌائڻ جون ساراهه جوڳيون ڪوششون به اهم آهن.

پاڪستان ڏانهن سندس رويو ڪهڙو رهيو؟ ان تي اوبامه جا ڪيترائي نقاد آهن پر مان رڳو ايترو چوندس ته جيڪڏهن اوباما 2007ع ۾ آمريڪي صدر هجي ها ته شايد بينظير ڀٽو قتل نه ٿئي ها ۽ شايد پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سفارتي ۽ غير سفارتي امن ڪوشش پٺيان به صدر اوبامه جي خواهش جو وڏو دخل هجي ها. نه ته ڪٿي ڀارت جي ڊونلڊ ٽرمپ ذهنيت مودي ۽ ڪٿي پاڪستان جو دورو! جتان جي سياست ۽ رياست ۾ به ڪيترائي ڊونلڊ ٽرمپ رهن ٿا.

تازو اوبامه جي اسٽيٽ آف دي يونين کي ڪيل آخري خطاب ۾ نيويارڪ پوليس (جيڪا هڪ شهر جي پوليس کان وڌيڪ عالمي پوليس لڳندي آهي)پاڪستاني ڄائي نوجوان مسلمان آفيسر کي گهرائڻ سان گڏ آمريڪي معاشري ۾ مسلم ڪميونٽي جي مثبت ڪردار ۽ آمريڪا جي ترقي ۽ سلامتي ۾ ان جي حصي کي نمايان ڪرڻ، اقليتن جي حقن جي حوالي سان آمريڪي ڪميونٽيز ۾ ياد رکيو ويندو. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سوڌو سياست ۽ سرمائي جو نسل پرست ساڄي ڌر جا حواري گڏيل آمريڪي رياست جي آئين ۽ قانون جي ابتڙ مسلمانن ۽ ٻين پناهگير اقليتن کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن اهڙي وقت ۾ صدر اوبامه جي بالٽي مور جي هڪ مسجد ۾ وڃي خطاب ڪرڻ ۽ اهو چوڻ ته اوهان فقط مسلمان آهيو يا آمريڪي مسلمان آهيو، انتهائي علامتي ۽ خير جو عمل آهي. ساڄي ڌر ۽ ريپبلڪنز صدر اوبامه سان به ان جي ٻنهي صدارتي دورن ۾ اهڙو ئي ورتاءُ ڪيو جهڙو پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي اصل وڏن چوڌرين جو پ پ سان آهي.

سو ڳالهه پئي هلي آمريڪي سياست جي ڀٽو ”برني سينڊرس“ جي جنهن کي آمريڪا جي اڪثريت خاص طور تي نوجوانن جي وڏي حمايت حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته هو جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي اهي هتان جي ڪارپوريٽ آمريڪا ۾ اڳ چوڻ، سوچڻ به ناممڪنات مان هڪ هيون پر هاڻي اهي آمريڪن جي اڪثريت جي دل ۽ زبان تي آهن.

جيتوڻيڪ ڪيئي سرخا ۽ درسي ڪتب سوشلسٽ برني سينڊرس کي سوشلست نٿا مڃين پر برني سينڊرس جيڪو به آهي سو چوي ٿو ته آمريڪا ۾ سياسي انقلاب ۽ اقتصادي برابري جي گهرج آهي، جتي سموري دولت ۽ سرمايو فقط ٻه سيڪڙو يعني وال اسٽريٽ جي سرمائيدارن جي هٿن ۾ آهي. هي تعليم ۽ علاج مفت ڪرڻ چاهي ٿو. برني آمدني جي اڻ برابري واري ليڪ کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هو جنگ جي خلاف آهي ۽ هيلري ڪلنٽن جي ابتڙ سينيٽ ۾ هن عراق جنگ جي خلاف ووٽ ڏنو هو. سو سوڀ برني جي ٿئي ٿي يا هيلري ڪلنٽن جي. تاريخ ۾ اها فتح آمريڪا ۽ ان جي عوام جي ٿيندي ڇاڪاڻ ته عورت جو آمريڪا جي پهرين صدر ٿي اچڻ به آمريڪا ۾ وڏي تبديلي جو سبب بڻبو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *