آمريڪا ۽ روس ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ: صاحب خان ڀٽي

روس ۽ آمريڪا ۾ هڪ ڀيرو ٻهير ڇڪتان تيز ٿي وئي آهي، روسي صدر ولادين پيوٽن سفارتي عملي کي ڏيهه  واپس ورڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. روسي صدر  پرڏيهه ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين کي واپس ورڻ جي به هدايت ڪئي آهي، ايتري قدر جو انهن کي مٽ مائٽن کي جلد روس واپس ورڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ شاگردن کي پرڏيهي اسڪولن مان ڪڍڻ جو چيو آهي، جنهن بعد اهو لڳي رهيوآهي ته روس ۽ آمريڪا ۾ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا تي به اهي تبصره هلي رهيا آهن ته روس ڪنهن وڏي جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن سبب روسي صدر ولادين پيوٽن اهڙا قدم کڻي رهيو آهي، ٻي طرف وري آمريڪا کي به شام طرفان روس جي حمايت تي به تمام گهڻي ڳڻتي آهي. روسي صدر ولادين پيوٽن به پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مٿن لڳايل سائبر حملي جا الزام ڪوڙا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي آمريڪا به ڪجهه عرصي کان روس تي الزام لڳائيندو آهي، ڪڏهن ڊيموڪريٽڪ جي صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن روس تي صدارتي چونڊ کي متاثر ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن ته ڪڏهن ته وري آمريڪي صدر بارڪ اوباما مٿس سائبر حملي جا الزام لڳائيندو رهيو آهي، جن کي روس رد ڪندو رهيو آهي، جي حملي کانپوءِ شامي ايئربيس تي آمريڪي اتحادي فوج جنهن ۾ ڪيترائي شامي فوجي اهلڪار مارجي ويا هئا، جنهن تي روس پاران به سخت رد عمل ڏيکاريو ويو آهي.

هڪ طرف سعودي عرب سندس اتحادي فوج شام ۾ ڪارروايون ڪري رهي آهي ته ٻي طرف آمريڪي  فوج به انهن جي قدمن تي هلندي شامي شهرن مٿان بمباري ڪندي رهي آهي، آمريڪي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن  روسي صدر جي مخالفت ڪري رهي آهي ته ٻي طرف وري ڊونلڊ ٽرمپ پيوٽن جي تعريف ڪندي نه پيو ٿڪجي، جنهن مان لڳي رهيو  آهي ته آمريڪي عملدار روس سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر شام معاملو سندن آڏو ديوار بڻجي ويو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت تائين شام معاملو حل نه ٿي سگهيو  آهي پر ان باوجود آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري شام معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ روس سان بهتر لاڳاپا ڪرڻ لاءِ ملاقاتون ڪري رهيو آهي، ڪجهه عرصو اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي هئي جنهن دوران شام جنگ بندي جو معاهدو ڪيو ويو، جيڪو به گهڻو دير نه هلي سگهيو.جنهن بابت روس چيو هو ته معاهدي کان اڳ ئي آمريڪي اتحادي فوج شام جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي پر آمريڪا اهڙي الزام جي ترديد ڪئي هئي پر جڏهن شامي ايئر بيس تي حملو ٿيو  ته ان وقت هن معاهدي کي شامي حڪومت ختم ڪري ڇڏيو هو.

شام ۾ گڏيل قومن جي امدادي قافلي تي بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 18 ماڻهن جي مارجڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون هيون. گڏيل قومن طرفان به بيان جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته جهازن امدادي ٽرڪن کي به نشانو بڻايو هو. آمريڪا به ان حملي بعد بشارالاسد حڪومت تي ڏمرجي ويو هو ۽ الزام لڳايو هو ته شامي جهازن گڏيل قومن جي قافلي کي نشانو بڻايو، جنهن جي ترديد شامي حڪومت ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته بشارالاسد چيو هو هنن گڏيل قومن جي قافلي کي نشانو ناهي بڻايو.  آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان به جان ڪربي طرفان گڏيل قومن جي قافلي تي حملي جي مذمت ڪئي وئي هئي، ان سڄي صورتحال کان پوءِ  به آمريڪا ۽ گڏيل قومون شام ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي دعويٰ ڪندا پيا اچن پر آمريڪا ڪڏهن ڪڏهن اهڙا بيان ڏيندو آهي جنهن سان ٻيهر شام ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي آهي.

جيتوڻيڪ آمريڪي ۽ اتحادي فوج  جون گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪاررايون جاري آهن، شام ۾ ڪڏهن بشارالاسد جي فوج بمباري ڪري رهي  آهي ته ڪڏهن وري آمريڪي ۽ سندس اتحادي فوج شهرن کي نشانو بڻائي رهي آهي، جنهن سان نقصان صرف عام شهرين جو ئي ٿي رهيو  آهي، جنگ ته ظاهري طور داعش خلاف وڙهي پئي وڃي پر لڳي ائين رهيو آهي ته بشارالاسد  جي فوج، آمريڪي ۽ اتحادي فوج صرف عام ماڻهن کي نشانو بڻائي رهي آهي جنهن سبب ڪيترائي شهر کنڊرن جوڏيک ڏئي رهيا آهن، ڪيترائي شامي شهري پنهنجا گهر ڇڏي هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڪيتريون ئي اهڙيون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي گردش  ڪري رهيون آهن جن کي ڏسڻ سان هانءَ ئي ڦاٽي پئي ٿو پر ان باوجود گڏيل قومن طرفان صرف اها رپورٽ جاري ڪئي ويندي آهي ته شام ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي پر اهو نه ٻڌايو ويندو آهي ته ڪير ڪري رهيوآهي ۽ انهن خلاف ڪارروائي به ٿيندي. ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن طرفان اها رپورٽ جاري ڪئي وئي هئي ته شامي فوج زهريلي گئس جو استعمال ڪيو آهي، جيڪو جنگي ڏوهه آهي، پر بشارالاسد اهڙي رپورٽ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته هنن ڪا به زهريلي گئس استعمال نه ڪئي آهي جيڪي گڏيل قومن رپورٽ ۾ ثبوت پيش ڪيا آهن انهن سان اهو ظاهر نٿو ٿئي ته ڪو زهريلي گيس جو استعمال ڪيو ويو آهي. بهرحال هن وقت تائين گڏيل قومون شام ۾ امن ڪرائڻ لاءِ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪري سگهيون آهن پر ايتري ضروري ڪيو ويو آهي ڪجهه امدادي ٽرڪون شام ۾ موڪليون ويون هيون ته متاثرن جي مدد ڪئي وڃي.

هاڻ وري جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۽ روس ۾ شام معاملي تي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ته هڪ ٻئي خلاف ٻنهي ملڪن طرفان بيان به جاري ڪيا ويا آهن، وائيٽ هائوس جي ترجمان جاش ارنيسٽ طرفان پريس بريفنگ دوران چيو ويو آهي ته روس سان ٻطرفي ڳالهيون ختم ٿيڻ سان خلائي سهڪار متاثر ٿي سگهي ٿو، جاش ارنيسٽ اهو به چيو آهي ته شام جي صدر طرفان روس جي حمايت تي به وڏي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ جاش ارنيسٽ اهو الزام به لڳايو  آهي ته روس شام ۾ عام شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي تي ٻي طرف وري روسي صدر ولادين پيوٽن اهڙن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته شام صورتحال جو ذميوار  آمريڪا ۽ سندس اتحادي فوج آهي. بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته  آمريڪا ۽ روس ۾ شام معاملي بابت ٺاهه ٿي ويندو يا وري ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ اڃا وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندي جيڪا خطي جي امن امان جي صورتحال لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار ثابت ٿيندي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن طرفان جيڪا بيان بازي ڪئي پئي وڃي ۽ روسي صدر طرفان جيڪي قدم کنيا پيا وڃن ان سان ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي يا صرف ٻئي ملڪ بيان بازي تائين محدود رهندا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *