آمريت کي دعوت ڏيندڙ هڪ طرفو احتساب ۽ سياسي ٽڪراءُ: جاويد ابڙو

ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته مخالف ڌر جون جماعتون بظاهر ته متحد آهن، پر انهن ۾ اندروني طور تي ڪي اهڙا نقطا به موجود آهن، جن تي ضرور ڪي اختلاف آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت مسلم ليگ (ن) اڪيلي نظر ته اچي ٿي، پر تنهن هوندي به مخالف ڌر کان زور لڳي رهي آهي، سياسي حلقن جو خيال آهي ته پاناما ليڪس جي معاملي تي متفقه ٽي او آرز جي راهه ۾ وزريراعظم نوازشريف جي استعيفيٰ وڏي رنڊڪ آهي، تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ مسلم ليگ (ق) چاهين ٿيون ته وزيراعظم  پهرين استعيفيٰ ڏئي ۽ پوءِ جاچ جو مرحلو شروع ڪيو وڃي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هاڻي مخالف ڌر جو سمورو ڌيان وزيراعظم جي استعيفيٰ تي آهي، ان ئي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽر چوڌري اعتزاز احسن جي رهائشگاهه تي ٿيل اجلاس ۾ مخالف ڌر جي جماعتن وزيراعظم کان استعيفيٰ جي مطالبي تي ئي گهڻو زور ڏنو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن جي مطالبي ۽ پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ انٽرنيشنل آڊٽ فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ان موقعي تي مخالف ڌر جي جماعتن جو چوڻ هو ته وزيراعظم نوازشريف خلاف پاناما ليڪس جي معاملي تي جاچ 6 کان 8 هفتن ۾ مڪمل ڪئي وڃي. ساڳئي وقت پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پارٽي جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ جي تيار ڪيل ٽي او آرز جو مسودو پيش ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن 1956ع جي قانون تحت نه پر صدارتي آرڊيننس ذريعي جوڙي وڃي ۽ ان کي پارلياماني تحفظ به ڏنو وڃي، پيپلزپارٽي پاران اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته ڪميشن سڀ کان پهرين وزيراعظم جي خاندان جي معاملن جي جاچ ڪري ۽ ڪميشن کي جاچ لاءِ ٽائيم فريم به ڏنو وڃي. جڏهن ته مخالف ڌر جون جماعتون عدالتي ڪميشن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي لکيل خط جي جواب جون منتظر آهن، پر ان اجلاس جي پڄاڻي تائين چيف جسٽس طرفان ڪوبه جواب نه اچڻ تي فيصلو ڪيو ويو ته مخالف ڌر جو اجلاس ٻيهر سڏايو ويندو.

مخالف ڌر جي جماعتن پاران وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو پنهنجي جاءِ تي، پر سوال اهو آهي ته انهيءَ گهُر جو مثبت جواب اچڻ جا امڪان ڪنهن حد تائين آهن؟ حڪومتي حلقن طرفان جاري ٿيندڙ بيانن مان اهو ئي تاثر ملي رهيو آهي ته وزيراعظم آڏو سندس استعيفيٰ جي مطالبي جي ڪابه اهميت ناهي، ڇوته کيس اهو چڱي ريت اندازو آهي ته مخالف ڌر جون جماعتون چيف ايگزيڪٽو جي استعيفيٰ جي مطالبي تي اتفاق پيدا نٿيون ڪري سگهن، جيڪڏهن انهن وچ ۾ اتفاق ٿي به ويو ته پارليامينٽ ۾ کين ايتري اڪثريت حاصل ناهي جو هو مسلم ليگ (ن) کي پارلياماني رستو اختيار ڪرڻ کانسواءِ اقتدار کان ڌار ڪري سگهن، سولن لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته مخالف ڌر جي جماعتن وٽ ايترا ميمبر ناهن جو هُو پارليامينٽ اندر وزيراعظم نوازشريف کي ڪنهن وڏي مشڪل ۾ وجهي سگهن. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته مخالف ڌر جي جن اڳواڻن وزيراعظم جي استعيفيٰ جي مخالفت ڪئي آهي، اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي اثر هيٺ آهن ۽ مولانا فضل الرحمان ڪڏهن به نه چاهيندو ته وزيراعظم نوازشريف کي اقتدار کان الڳ ڪيو وڃي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ٻه ڏهاڙا اڳ لاهور ۾ جلسي دوران خطاب دوران جيڪو جارحاڻو انداز اختيار ڪيو، اهو يقينن اسلام آباد ۾ ڌرڻن وارن ڏينهن کان به گهڻو تلخ هو، ڏٺو وڃي ته هن وقت سياستدانن وچ ۾ جيڪا بليم گيم ۾ شدت اچي چڪي آهي، سا ڪنهن به ريت جمهوري قدرن ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ فائديمند ثابت نٿي ٿي سگهي ۽ نه وري سياسي طور تي موسم کي ايترو گرمائڻ مناسب آهي جو ڪجهه سالن کان هلندڙ جمهوري تسلسل ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ٿي وڃي ۽ پوءِ جمهوريت جي دعويدارن کي ئي ان لاءِ هٿ هڻڻا پئجي وڃن. عجيب صورتحال آهي ته مسلم ليگ (ن) سڀني جي احتساب جو نعرو ته لڳائي رهي آهي، پر قومي اسيمبلي ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان التويٰ ۾ پيل احتساب واري بل تي ڌيان ڇو نٿو ڏنو وڃي ته جيئن هڪ مستقل، آزاد، خودمختيار، اڻ ڌريو ۽ بااختيار احتساب جو ادارو قائم ٿي وڃي، جيڪو مستقل بنيادن تي ۽ سياسي انتقامي ڪارروائين کان هٽي ڪري پنهنجو فرض ادا ڪندو رهي.

حڪومت جي هر قدم تي اختلاف ڪرڻ ته مخالف ڌر جو ڪم هوندو آهي، پر ان جو هرگز اهو مطلب نه هئڻ گهرجي ته حڪومت جي ڪنهن به اهڙي نقطي تي ايتري حد تائين اعتراض ڪرڻ جو ڌريون هڪٻئي خلاف انتقام تي لهي اچن جو اختلاف جي ان شدت ۾ پارليامينٽ جي حيثيت ۽ اهميت به وسري وڃي ته پوءِ يقينن حڪومت توڙي مخالف ڌر جي اختلافن جو انجام بهتر نه نڪرندو. جيستائين پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوٽلي (آزاد ڪشمير) ۾ نواز سرڪار خلاف جنهن انداز ۾ جارحاڻو خطاب ڪيو ويو، اهو شايد ان سياسي جماعت لاءِ ضروري هجي ته جيئن پ پ فرينڊلي اپوزيشن واري طعني کان پاڻ کي بچائي سگهي، ڇوته اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ قمر الزمان ڪائره جيڪي بيان ڏين ٿا، ان مان اهو ئي واضح ٿي رهيو آهي ته هو مفاهمت واري پاليسي جا حامي آهن ۽ ٻئي سينئر سياستدان پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جي بيانن جي حمايت ته ڪن ٿا، پر گڏوگڏ جمهوريت، جمهوري ادارن ۽ موجوده حڪومت کي هٽائڻ جي حوالي سان ڊيموڪريٽ آهن.

بهرحال، اختلافن کي ايتري حد تائين نه وٺي وڃڻ گهرجي جو مفاهمت به ٽڪراءُ ۾ تبديل ٿي وڃي ۽ ان جو نتيجو جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ بدران آمريت واري صورت ۾ نڪري اچي.  ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف تي ڪرپشن جا ڪيس آهن ۽ پ پ جي ٻين ڪيترن ئي بااثر شخصيتن تي سنگين الزام لڳل آهن، جيڪي عدالتن ۾ ڀوڳي به رهيا آهن، پر اهم ڳالهه اها به آهي ته پيپلزپارٽي ۾ به ڪيئي اهڙا اڳواڻ به موجود آهن، جيڪي احتساب گهرن ٿا، ساڳي ريت اهو مطالبو درست آهي ته پ پ وانگر مسلم ليگ (ن) جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن احتساب رڳو هڪ طرفو ٿي رهيو آهي ته اهو عمل ڪنهن به صورت ۾ منصفاڻو نٿو ڳڻائي سگهجي.

هن وقت مخالف ڌر جي سياسي حملن ۽ حڪومت جي جوابي بيانن سان موسم ڪافي گرم ٿيندي نظر اچي ٿي، ان صورتحال ۾ ڪنهن به ڌر کي جمهوري رستو ڇڏي ڪري اهڙي واٽ اختيار ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان نه رڳو جمهوريت پر پارليامينٽ لاءِ خطرو پيدا ٿئي. ان ڪري بهتر عمل اهو ئي آهي ته سياسي گرمي پد کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيڪڏهن الزام بازي جي سهاري تي سياست ڪرڻي آهي ته اهو عمل ٻنهي حڪومت ۽ مخالف ڌر لاءِ چڱو ثابت نه ٿيندو، جيڪي به ڌريون جمهوريت جون حامي آهن، تن کي هر قدم ۽ هر فيصلي تي اها ئي سوچ اختيار ڪرڻي پوندي ته قيام پاڪستان کان وٺي هن وقت تائين ملڪ ۾ جمهوريت کان وڌيڪ آمريت پلجندي رهي آهي، جيڪڏهن آئين، پارليامينٽ جي بالادستي، جمهوري قدرن ۽ اخلاقيات کي نظرانداز ڪري اقتدار خاطر صبر ۽ تحمل جو دامن ڇڏي غير جمهوري رستو اختيار ڪيو ويو ته اهو فيصلو نه رڳو جمهوريت پر هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿيندو، ان ڪري چونڊيل نمائندن کي ڪنهن به فيصلي لاءِ رستن تي اچڻ بجاءِ پارليامينٽ جي فورم کي استعمال ڪرڻ گهرجي، اسين اهو نٿا چئون ته احتجاج ڪرڻ جائز عمل ناهي، يقينن اهو هر شخص ۽ سياسي جماعت جو جمهوري ۽ آئيني حق آهي، پر جيڪڏهن احتجاج ڪندڙ عوام جا چونڊيل نمائنده آهن ته انهن کي عوام جي ڏنل مينڊيٽ جو احترام ڪرڻو پوندو ۽ ساهه مُٺ ۾ بند ڪندڙ هن گرميءَ ۾ عوام جو امتحان وٺڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي نظام ۽ ڪارونهوار معمول تي اچي سگهي.

javed_abro@hotmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *