آف دي ريڪارڊ؛عزيز الله ٻگهيو

سنڌ جي مشهور شخصيت شعراءِ سنڌ جي صدر محمد علي جوهر مرحوم مونسان ڳالهه ڪئي ته هڪ ڏينهن معمول مطابق خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي ملڻ ويو ته بنگلي جي ورانڍي ۾ شاهنواز ڀٽي جو پٽ ذوالفقار علي ڀٽو ويٺو هيو ان کي هٿ ڏئي آئون اندر کهڙي صاحب ڏي هليو ويس ۽ چيو مانس ته ورانڍي ۾ شاهنواز ڀٽي جو پٽ توسان ملڻ لاءِ ويٺو آهي جواب ۾ چيائين ته مونکي خبر آهي ۽ اهو ٻن ڪلاڪن کان اتي ويٺو آهي تنهن تي مون چيو مانس ته پوءِ ته ملينس ڇو ڪونه ٿو ؟

چيائين ته هي آيو آهي ته آئون هن کي سفارش ڪري وزير ڪرايان. سو وزير بنجڻ لاءِ ٻه ڪلاڪ انتظار ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي قمبر جي ڳوٺ ٻير جو رهواسي ڪامرڊ نبن تنيو سنڌ هاري ڪاميٽي جو ورڪر هئو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو سنڌي ٻولي سيکارڻ جو استاد هئو، ان مونکي ٻڌايو ته ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏيرن جي دعوت ڪندو هئو ته مونکي ان ۾ ضرور دعوت ڏيندو هئو سو جڏهن ڀٽو صاحب پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو تڏهن به ان لاڙڪاڻي جي زميندارن جي دعوت ڪئي هئي. سندس بنگلي المرتضيٰ جي ٻاهرين ميدان ۾ مهمانن جو انتظام هجي، کاڌي جي ميزن مان منهنجي سامهون واري ميز تي خانبهادر محمد ايوب کهڙو ويٺل هجي، مهمانن لاءِ ماني لڳي چڪي هئي ۽ کائڻ پيئڻ شروع ٿي چڪو هئو. مون ڏٺو ته ذوالفقار علي ڀٽو صاحب اندران نڪتو ۽ مهمانن تي نظر ڦيرائيندي جڏهن کهڙي صاحب کي ماني کائيندي ڏٺائين ته منهن ٻئي پاسي ڦيرائي پنهنجي ڪنهن ڪارندي کي سڏ ڪري چيائين ته فلاڻا! کهڙي صاحب کي دعوت ڏني اٿو يا ڪانه،

ايتري ۾ مون کهڙي صاحب ڏي نظر ڪئي ته هو ماني جو گرهه ان وقت کڻي وات ڏي ويجهو آڻي چڪو ته ان مهل ڀٽي جو پنهنجي نوڪر کي اهو سڏ ٻڌي کهڙي صاحب مانيءَ جو گرهه وات کان واپس هيٺ پليٽ ۾ رکي اٿي بيهي وڏي واڪي سان چيائين ته سائين آئون آيو آهيان آيو آهيان. مون اهو ڏسي دل ۾ چيو ته منهنجا رب، وقت وقت جي ڳالهه آ.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *