آغا رفيق جي استعيفيٰ کانپوءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو داءُ تي لڳل آئيندو ؛نسيم بخاري

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ آغا رفيق پٺاڻ پاران پنهنجي عهدي تان سياسي ۽ انتظامي دٻاءُ سبب ڏنل استعيفيٰ کانپوءِ سندس پاران ڪو به اهڙو واضح بيان سامهون نه آيو آهي، جنهن مان پنهنجي ڪرسي ڇڏڻ جي حوالي سان ڪا چٽي حقيقت پڌري ٿئي. هن ڪنهن کي به الزام هيٺ نه آندو آهي نه وري ڪنهن تي ڪا سڌي تهمت مڙهي اٿائين. ان جي باوجود، سندس پهرئين ابتدائي اظهار مان جيڪا ڳالهه بکي آهي ۽ جنهن کي جڳ جهان پوري شدت سان محسوس ڪيو آهي، سا اِها آهي ته هُن کي هن جي انداز سان هلڻ نه پئي ڏنو ويو، جيڪو ڪم کيس سونپيو ويو هو، انهن فرضن کي پوري ڪرڻ جي حوالي سان هن جيڪي وکون کنيون پئي، تن ۾ رڪاوٽون ۽ رنڊڪون وڌيون ويون. اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز رپورٽ ڪيو آهي ته نادري حڪم ذريعي کيس وزيراعليٰ هائوس گهرايو ويو هيو، اتي هو ڪافي دير تائين ڪاليجن ۽ يونيورسٽين واري شعبي ۾ ويٺو رهيو، انتظار ۽ ٻڏتر واري ڪيفيت ۾ هن پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي ۽ دماغ سان فيصلو ڪيو ته برداشت جي به ڪا حد هوندي آهي. هاڻي پاڻي مٿي کان ٽپي رهيو آهي. ان کان اڳ جو پاڻي ماڻهو کي ۽ ان جي اندر جي انسان کي لوڙهي ماري فنا ڪري ڇڏي، اڄ هڪ هڪاڻي ڪرڻي آهي. سچ جي سربلندي کي سرخرو ڪرڻو آهي. ڪو اهڙو ٻوٽو ٻارڻو آهي، جيڪو پويان واري اونداهه جون سموريون فرعونيتون، جهالتون ۽ جاگيرداراڻي جبر کي عيان ڪري ڇڏي.

رٽائرڊ جسٽس آغا رفيق استعيفيٰ لکي ۽ ماهوار ساڍا اٺ لک روپيا پگهار واري منصب کي ٿڏي، ڦٽو ڪري ۽ اڇلي ٻاهر هليو آيو. هن جي استعيفيٰ جي حوالي سان مختصر ۽ معنيٰ خيز جيڪي احساس آڏو آيا آهن، اُهي حڪومتي وهنوار کي وڏيرڪي اوطاق جي طرز تي هلائڻ وارو نه رڳو تاثر ڏئي ويا آهن پر اها تصديق به ڪري ويا آهن ته اُهو چرخو ڪيئن هلي رهيو آهي! ٻڌايو پيو وڃي ته هن کان جهڙي ڪم جي توقع ڪئي پئي وئي يا جيڪي هن مان اُميدون رکيون ويون هيون، تن تي هن پاڻي ڦيري ڇڏيو هو ۽ واضح لفظن ۾ چيو هو ته جهڙي نوعيت جو هن کان ڪم ورتو پيو وڃي هو، ان سطح تي اُهي خدمتون سرانجام نه ٿو ڏئي سگهي، ڇو ته اهو سڌو سنئون پنهنجي ڌرتي جي پڙهيل لکيل نئين ٽهي سان کليل دوکو آهي، جيڪا دغا بازي هن کان نه پڄندي. ان ڪري هن اهو فيصلو ڪيو ته اُهو ”سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.“

سنڌ ۾ لڳاتار ستن سالن کان عوامي راڄ جي نالي ۾، جيڪا بادشاهت برقرار آهي، پيپلزپارٽي ان جي گرفت کي اڃا مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي سمورن کاتن جون نوڪريون ”واپار جو وکر“ بڻايون ويون آهن. ان ڌنڌي ۽ دڪانداريءَ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن معرفت جيڪو ذهين، بيروزگار نوجوانن وارو عنصر اهليت جي آڌار تي رڪاوٽ پئي بڻيو، ان کي اک جو ڪنڊو سمجهي ڪڍڻ جي ڪوشش طور تي رٽائرڊ جسٽس آغا رفيق کان ”وانگار“ وارو ڪم وٺڻ جي اثرائتي ڪوشش ڪئي وئي پر هن انڪار ڪري حڪمران طبقي جي من مانين جا ڀانڊا ۽ بدنيتيون وائکيون ڪري وڌيون. آغا رفيق جو انڪار، آغا رفيق جي عزتن، عظمتن، شهرت ۽ وقار کي جيڪو بلنديون عطا ڪري ويو آهي، ان تي سندس پويان به ناز ڪندا ۽ اهڙي ئي احساس يا جذبي سان جيڪڏهن هر اداري جو سربراهه، نااهل لشڪر کي ڀرتي ڪرڻ کان جواب ڏئي ته سنڌ ۾ ڪو به اهل بيروزگار واندو نه رهندو پر هتي چونڊي چونڊي اهڙا وڪيل ۽ کريون کريون ٻڌائيندڙ ماڻهو ڪنڊائتا ڪيا ويا آهن ته جيئن هنن جي دانهن ڪوڪ اڳ ئي بدنام راشي همراهن کي ويتر خوار خراب نه ڪري.

هاڻي ته ڳولي ڳولي ادارن ۾ اُهي ماڻهو موڪليا ٿا وڃن، جيڪي اڳ ۾ سودو ڪري چارج پوءِ ٿا وٺن. سنڌ جي هر سطح تي سرڪاري وهنوار ۾ اُهو ٻج اڳتي هلي، جنهن فصل پيدا ٿيڻ جا اهڃاڻ عيان ڪري ٿو، تن تي ڪنهن تبصري جي ضرورت نه آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انيڪ اهڙا انسان به آهن، جن اڃا تائين پنهنجي زبان نه کولي آهي. مصلحت ۽ مفادن جي لالچ ۾ سنڌ جي بيروزگار ۽ اهل نوجوانن جي نوڪرين کي رشوت يا سفارش عيوض بيڪار بدمعاش ۽ پيداگير ماڻهن جي حوالي ڪندا آيا آهن. ان سڄي صورتحال کي جڏهن سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار هيٺ آڻجي ٿو ته ڪيترائي سوال اڀري اچن ٿا، جن ۾ سڀ کان اهم نقطو اهو ٿو آڏو اچي ته جڏهن ادارن جي نااهل ۽ نالائق ماڻهن جي ڀرتي ڪرڻي آهي ته پوءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏئي، بيروزگار نوجوانن جي احساسن ۽ جذبن سان ڇو پيو کيڏيو وڃي؟ ڪاغذن جي جمع ڪرائڻ کان انٽرويوز جي تياريءَ تائين سنڌ جا بيروزگار نوجوان جنهن تڪليف، پريشاني ۽ مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن يا ڏيندا آيا آهن ۽ اڃا مستقبل ۾ به کين اهو عذاب ڀوڳڻو آهي، تنهن جو تفصيلي طور تي ڪنهن ڪڏهن جائزو به ورتو آهي؟

سنڌ ۾ حڪومت هڪ سلطنت يا شهنشاهيت واري انداز سان هلندي پئي اچي ته پوءِ اشتهارن ڏيڻ ۽ انٽرويوز جا ناٽڪ ڇو ٿي رهيا آهن؟ انهن جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ نوڪرين جي ”بندر باٽ“ ان ڊرامي کانسواءِ نه ٿي ٿي سگهي ڇا؟ ماڻهن سان اهي مشڪريون، آخر ڪيستائين جاري رهنديون؟ ڪالهه مون کي حيدرآباد مان هڪ پروفيسر فون ڪري ٻڌايو ته فيبروري 2010ع ۾ هڪڙو اشتهار ڏنو ويو ته سترنهن، اٺارهين ۽ اڻويهين گريڊ جي تعليمي شعبي لاءِ ست سالا ٽيچنگ ۽ ايم اي توڙي ايم ايڊ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪندڙ اُميدوارن جا انٽرويو ڪيا ويندا. ان حوالي سان مقرر ڪيل معيار جي پورائي لاءِ سالن کان ڪيترن ماڻهن تياريون ڪري ڇڏيون هيون پر اڄ تائين پيپلزپارٽي نه پنهنجي پهرئين دور ۾ نه وري هاڻ ان معيار تي ورتل اڻويهين گريڊ جا  انٽرويوز ورتا آهن، هن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي وارن جڏهن ڏٺو ته هنن جا پنهنجا ماڻهو ان حساب سان پورا نه ٿا لهن يا رشوت عيوض اُهي گريڊ حاصل ڪرڻ جي تمنا رکندڙ معيار تي پورا نه ٿا لهن ته اڳين حڪومت ۾ اُها ڪوشش ڪئي وئي ته ايم اي ۽ ايم ايڊ جي فرسٽ ڪلاس واري شرط کي سيڪنڊ ڪلاس تائين آندو وڃي پر اُها من جي مراد پوري نه ٿيڻ ڪري اڄ ڏينهن تائين 18 اهم آساميون صليب تي لٽڪيل آهن، سو سوال اهو آهي ته اهو ائين آخر ڪيستائين سلسلو جاري رهندو؟

سپريم ڪورٽ هڪ تاريخي فيصلو ڏنو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته سرڪاري ملازم ڪو به غير قانوني ڪم نه ڪن ۽ ان حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن ڏکيائي، مشڪلات يا رنڊڪ جي شڪايت آهي ته اُهي اهڙي ماڻهو جي کليل نموني نشاندهي ڪن ته جيئن ان جي ڪن مهٽ ڪئي وڃي پر اسان وٽ ڪم ان جي ابتڙ ئي هلندو آيو آهي. اسان وٽ اهو عذاب ۾ آهي، جيڪو وڏيرڪا حڪم نه ٿو مڃي. اسان وٽ اهو تڪليف ۾ آهي، جيڪو سچ چوي، اسان نوٽ اهو ٻائيتال ۾ آهي، جيڪو اهليت تي اهميت ڏئي ٿو. پبلڪ سروس ڪميشن جي مستعيفي ٿيل چيئرمين آغا رفيق ته ڪميشن جي امتحان ۾ پنهنجي خاندان، مائٽن ۽ لڳ لاڳاپا رکندڙن کي به رڳو ان ڪري ئي ويهڻ نه ڏنو هو ته متان سندس انهن جي پاس ٿيڻ جي ڪري، ڪن الزامي آڱرين جو منهن ڏسڻو پوي، سو اهڙي ماڻهو جي دامن ۾ اڄ جيڪي دعائون آيون، اُهي هن کي تاريخ ۾ لازوال ڪري ويون آهن. اُهي دعائون جيڪي بي سهارا ۽ لاچار ماڻهن جون آهن، جن جي دانهن جي ڪا داد رسي نه ٿيندي، تن کي آغا رفيق سگهارو آواز ڏئي ويو آهي ۽ چئي ويو آهي ته پاڻ کي اڪيلو نه سمجهيو، دنيا حق سچ چوندڙن کان اڃا خالي نه ٿي آهي. اُهي ڳالهيون حڪمرانن جا مهانڊا بگاڙي ويون آهن، ڇو ته اُهي ڳالهيون، هڪ اکين ڏٺي گواهه ئي نه پر اهڙي انسان جون به آهن، جيڪو نوڪرين جي وهنوار واري واپار جو سمورو احوال پنهنجي سيني ۾ سانڍي ويو. هو هاڻ وڌيڪ ڀل نه به ڳالهائي پر هن جي استعيفيٰ ئي گهڻو ڪجهه ڳالهائي وئي آهي. اها غيرت، اُها جرئت اُهو حوصلو ۽ اُها بهادري، جيڪڏهن آغا کانپوءِ ٻين جي به اڳڀرائي جو جواز پيدا ڪري ته سماج سٺن ۽ صحتمند روايتن سان سلهاڙجي سگهي ٿو ۽ اهڙن ئي طور طريقن سان حڪمرانن جون بگڙيل عادتون پنهنجي دڳ لائي سگهجن ٿيون. کين سمجهائي سگهجي ٿو ته ادارن کي ڀينگ ڪرڻ جا ڪهڙا خطرناڪ ۽ خوفناڪ نروار ٿيندا آهن. هنن کي تاريخي گناهن کان روڪي سگهجي ٿو. کين آماده ڪري سگهجي ٿو ته هو به سنڌ کانسواءِ ملڪ جي ٻين ٽن صوبن جيان نوڪرين جو معيار اهليت کي رکن. ڇو ته اهليت ئي ادارن جي سلامتيءَ تي يقيني بنائيندي آهي ۽ تهذيب يافته معاشري جي مُنهندار بڻبي آهي.

ائين ناهي ته سنڌ ۾ خدا ترس ماڻهن جي ڪا کوٽ آهي. اسان وٽ اڄ به الله ڏنو خواجه (اي ڊي خواجه) جهڙو اهل آفيسر موجود آهي، جنهن وائرليس آپريٽرن کان ويندي موٽروي پوليس تائين اهليت جي بنياد تي نوجوانن کي نوڪريون ڏئي، سوين غريب خاندانن ۽ بي پهچ خاندانن جون دليون کٽي ورتيون آهن. آغا رفيق جي استعيفيٰ حڪومت جي دامن تي جيڪي داغ ڇڏي وئي آهي، انهن کي ڌوئڻ ۽ انهن جي ازالي لاءِ سرڪار جيڪڏهن چاهي ته اي ڊي خواجه کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين بڻائي سگهي ٿي. جڏهن ته اهل ۽ فرض شناس ماڻهن کي ڪميشن ۾ آڻي ۽ کين مڪمل اختييار ڏئي،     (جاري)

نوڪرين کي نااهلن حوالي ڪرڻ وارو وهنوار روڪي سگهي ٿي پر اسان وٽ ته الميو اهو آهي ته جو سرڪاري وهنوار کي ڏسندي سنڌ جي پبلڪ سروس ڪميشن به ڪٿي ڪٿي پٽڙي تان لهندي ڏٺي وئي آهي ۽ جهڙي تهڙي سنڌ ۾ موجود پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين توڙي ميمبرن جي مقرريءَ واري پنجن سالن جي عرصي کي ٻن سالن تائين محدود ڪرڻ واريون، سنڌ سرڪار جون نيتون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيون آهن، تنهن مان جيڪو تاثر اڀري ٿو، اُهو ٻڌائي رهيو آهي ته شايد هاڻ اهي عهدا به ترقياتي ڪمن وارن ٺيڪن جيان نيلام ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي.

پيپلزپارٽيءَ جو گذريل پنجن سالن وارو وفاقي عرصو ۽ سنڌ سرڪار جو ستن سالن وارو عرصو، جيڪي احوال ٻڌائي ٿو، تن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پي پي جا اڳواڻ پنهنجون پنهنجون علائقائي سلطنتون بچائڻ لاءِ وڏي پئماني تي نااهل بيروزگارن جي فوج ڀرتي ڪرڻ کانسواءِ، تر جي ڪٽر مخالفن کي به مختلف پيڪيجز ذريعي پاڻ سان گڏ ملائي، سياسي وجود جي سلامتيءَ لاءِ هٿ پير هڻندا آيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڳڙهي ياسين واري تڪ مثال بڻائي پيش ڪري سگهجي ٿو، اتي جيڪڏهن ڪمارين کي پاڻ سان نه ملايو وڃي ها ته شايد انهن پاران اليڪشن ٽربيونلز ۾ داخل ڪرايل اعتراض ۽ ثبوت اڄ صورتحال ئي ڪا ٻي ٻڌائن ها. آغا سراج گذريل دور ۾ پنهنجي کاتي لوڪل گورنمينٽ ۾ جيڪا ڀيل ڪئي، ان اداري جا جيڪي لاهه ڪڍيا ۽ جيڪا ڀينگ ڪئي آهي، سا سڀ ڪنهن آڏو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ اڄ جيڪڏهن پبلڪ سروس ڪميشن کي به پيپلزپارٽي پنهنجي پير جي جتي سمجهي استعمال ڪري ٿي ته اُها ڪهڙي تاريخ رقم ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي؟ جي ائين ٿيو ته پوءِ نااهل مالهي واري ڳالهه ۽ گلشن جي چمن جي ڳڻتي دنيا جهان ۾ نوان بحث مباحثا ڇيڙي ڇڏيندي؟

ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته خورشيد شاهه بيروزگار نوجوانن کي نوڪرين جي آسري نه ڪرڻ، دال ڇولا ۽ حليم کپائڻ جي صلاح ڏني آهي. سنڌ اڄ جنهن انتهاپسندي، غربت، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جي ور چڙهيل آهي، ان جي آبادي جي وڏي حصي نوجوانن کي جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ذميواري نه ٿي سمجهي کين گهربل روزگار مهيا نه ٿي ڪري اُهي جيڪا واٽ وٺندا ڇا ان واٽ تان کين ورائي سگهبو. پاڻ ائين نه ٿا چئون ته پيپلزپارٽي ڪو معجزو ڪري، سمورن بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏئي پر جيتريون نوڪريون ۽ جنهن سطح جون موجود آهن کين گهٽ ۾ گهٽ اهليت جي آڌار تي اُهي ته ميسر ڪري. اُهي نوجوان وقت ۽ حالتن کان مايوس ٿي جيڪڏهن ڏوهن جي دنيا وسائن ٿا ته ڇا ٿا سمجهو اُهي ڏيهه کي ڪهڙا ۽ ڪيترا ٽاندا ڏئي سگهن ٿا. هنن جي جواني ڀڙڪو کائي جيڪڏهن بغاوت جي دڳ تي هلي ته هي جن جن کي دسيندا، يا جيڪي سندن نشانو بڻبا، انهن بابت ڪنهن غور و فڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي؟ ڪنهن به تباهي، تخريب۽ برباديءَ لاءِ آخر ضرورت ئي ڪيترن ماڻهن جي ٿي پوي هي ته لکن ۾ آهن! اوهان ڪنهن ڪنهن کي جهلي ۽ روڪي سگهندا! انصاف نه ملڻ جو ردعمل ۽ ڌڪار واري روش محروم ۽ متاثر ماڻهن جي دلين ۾ جيڪي مچ مچائيندي آهي، سي گهڻو ڪجهه ساڙي ڀسم ڪرڻ جي طاقت رکندا آهن.

ان ڪري ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهن کي نه مڇرايو! اسان وٽ اهليت جو ته هونئن ئي الله واهي آهي، وري جو پبلڪ سروس ڪميشن به حاڪمن جي حڪمن جي غلام بڻجي وڃي ته پوءِ ته سنڌ جون سموريون لائبريريون ئي بند ٿي وينديون اشاعتي ادارن کي تالا لڳي ويندا، جيڪو عمل هلاڪو خان پاران بغداد تي ڪاهه کانپوءِ، ڪتب خانن ساڙائڻ ۽ ڪتاب دجلا درياهه ۾ لوڙهائڻ کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ خوفناڪ ثابت ٿيندو!

مان حيران آهيان، ته ايڏي اهم ۽ سنگين معاملي تي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين مجرماڻي ماٺ اختيار ڇو ڪئي آهي؟ ۽ سنڌ جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا هن معاملي تي ڀرپور آواز ڇو نه اٿاريو آهي؟ هڪڙي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪندڙ ته تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ مجرم جي حيثيت سان ضرور بيهندا پر اسان قلم قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو جيڪو لاپرواهي وارو رويو آهي، تاريخ اُهو به نه بخشيندي. ان ڪري ميرٽ جي کڄندڙ جنازي جا ڪانڌي نه بڻجون پر ميرٽ جي موت تي ماتم ڪريون ته جيئن سنڌ جي اهل نوجوانن کي اها آٿت ملي ته سندن به ڪو طرفدار آهي.

هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته آغا رفيق ليڪچرارن ۽ اي ايس آئيز جون جيڪي ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون هيون، يا جهڙي ريت تڪراري ڪمبائينڊ ڪامپيٽيٽيو جي اسڪريننگ ٽيسٽ کانپوءِ هن تڪڙو تحرڪ وٺي ڪنهن حد تائين اهل نوجوانن کي بونس مارڪون ڏئي وڌ ۾ وڌ رليف ڏنو، اُها ڳالهه سرڪار کي پسند نه آئي هئي ۽ پنهنجن منظور نظر ماڻهن جي واضح نقصان کي آڏو رکندي ڪاوڙجي، رٽائرڊ شريعت ڪورٽ جي چيف جسٽس کي وزيراعليٰ هائوس اهڙي جارحاڻي انداز سان گهرايو ويو، جيئن رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف تڏهوڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چوڌري افتخار کي گهرائي داٻا ۽ دڙڪا ڏئي، پنهنجي من جي مراد پوري ڪرڻ چاهي هئي پر جهڙي ريت افتخار جي انڪار ان کي عظمتن جا عروج بخشيا هئا. اڄ سنڌ ۾ اهڙي ئي عزت افزائي آغا رفيق جي حصي ۾ آئي آهي. آغا رفيق ۽ آصف زرداري جي وچ ۾ اندروني ڪهاڻين ۽ اختلافن بابت پاڻ ڪو تبصرو نه ٿا ڪيون پر گهٽ ۾ گهٽ موجوده صورتحال ۾ آغا رفيق جو انڪار سنڌ جي اهل نوجوانن جي دانهن ڪوڪ جو ترجمان بڻجي اڀريو آهي.

پيپلزپارٽي کي اڄ ان نقطي تي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ته اُها اهميت نوجوانن کي ڏي يا انهن جي اهليت جو جنازو کڻندڙن کي پ پ جن تي دارومدار رکندي آئي، انهن جون وفاداريون سندن مفادن سان مشروط هونديون آهن، اُهي پنهنجي ڪلابازي کائڻ ۾ ڪا به دير نه لڳائيندا آهن ۽ نه وري ڪنهن سان صلاح مصلحت ڪندا آهن. ڇو ته اُهي پنهنجي تر، راڄ ۽ سيٽ جا مالڪ هوندا آهن، ان ڪري اُهي ليلائيندا ناهن پر پنهنجا جائز ۽ ناجائز شرط مڃرائيندا آهن. ان ڪري کين پارٽيءَ جي ڪا پرواهه نه هوندي آهي. ٻئي طرف اهو عوام آهي جيڪو ڀٽو خاندان سان محبت جي نتيجي ۾ سدائين تير جي نشان تي ٺپو هڻندو آيو آهي ۽ اُميدوارن جي مهانڊن کي ان ڪا اهميت نه ڏني آهي، سو سوال اهو آهي ته پ پ هاڻي ڪنهن کي ترجيح ڏيندي؟ مفادپرستن يا محبتي ماڻهن کي ۽ ايماندار ماڻهن کي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.