آرمي چيف جو بيان ڪنهن لاء “خطرو” آهي؟: شفيق شاڪر

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته  “ هر سطح تي احتساب لازمي آهي، ڪرپشن جي خاتمي تائين ملڪ ۾ امن امان جو قيام ممڪن ناهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم جي مڪمل حمايت حاصل آهي، هر سطح تي احتساب جو عمل لازمي آهي، ڇوته ڪرپشن جي خاتمي تائين امن امان جو قيام ۽ خوشحالي ممڪن ناهي ڪرپشن جي لعنت کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪرڻ کانسوءِ ملڪ ۾ مستقل امن قائم نٿو ٿي سگهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج مڪمل سهڪار ڪندي،  بنا فرق جي سڀني جو احتساب پاڪستان جي يڪجهتي، سالميت ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهي، قوم جي تعاون سان اسان دهشتگردي ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪري دم پٽينداسين.”

اهو آهي پاڪستان جي فوجي سربراه جو اهو بيان جنهن تي ڪيترائي  “جمهوريت پسند” سياستدان ،دانشور ۽ صحافي چڙيل نظر اچن ٿا ۽ هنن جي نظر ۾ ان بيان سان هڪ ڀيرو وري “جمهوريت” خطري ۾ پئجي ويئي آهي.اهي پاڪستاني عوام کي سمجھائڻ جي ڪوششش ڪري رهيا آهن ته آئين مطابق فوجي قيادت کي ان قسم جا غيرجمهوري بيان ڏيڻ جو اختيار ڪونهي. ٻئي طرف وفاقي وزير “عمرانيات” پرويز رشيد جو اهو بيان به سامهون آيو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو صرف جمهوري عمل جي جاري رهڻ سان ئي ڳنڍيل آهي ۽ ڪرپشن جي آڙ ۾ ڪنهن کي به سياست ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي..هن قوم کي اها خوشخبري به ٻڌائي ته ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

ٽيون بيان “تازوبيماريء مان صحتياب ٿيل” وزيراعظم نواز شريف جوآهي جنهن چيو ته پاڪستانين جي اڪثريت ڌرڻا نه ٿي چاهي، پر بدقسمتي سان 1990ع واري ڏهاڪي جي ”مان نه مڃان“ واري سياست ٻيهر شروع ٿي وئي آهي . وزيراعظم چيو ته پاناماليڪس منهنجي ذات تي ڪوبه الزام ناهي مڙهيو، پر ان کانپوءِ به اسان چاهيون ٿا ته جاچ ڪميشن ضرور ٺهي، هن چيو ته ملڪ ۾ موجود ماڻهن کي اسان جون ڄنگهون نه ڇڪڻ گهرجن، ، ملڪ ۾ ڪجهه اهڙا سياستدان موجود آهن، جيڪي اڃا بالغ ناهن ٿيا. الله ڪري انهن کي به پاڪستان جي ترقي ايتري پياري ٿي وڃي، جيتري مون ۽ ٻين پاڪستانين کي آهي.

هن سڄي صورتحال ۾ پاڪستان جو عوام اهو سمجھڻ کان عاجز آهي ته آخر آرمي چيف جي بيان ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالھ آهي جنهن سان جمهوريت کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي! ۽ اها ڪهڙي سازش آهي جنهن جا چوٻول چوڌاريء ٻڌڻ ۾ پيا اچن.

پورو ملڪ ڪرپشن ۽ دهشتگرديء ۾ ورتل آهي اها ڳالھ جيڪر جنرل صاحب ڪري ٿو ته اها ساڳي ڳالھ پوري پاڪستاني قوم به ڪري رهي آهي.دهشتگردن کي ڪرپشن ذريعي ڪمايل پئسي مان مالي سهڪار ملي رهيو آهي،جيستائين انهن جي مالي سهڪار جي اها لائين نٿي ڪٽي وڃي،ملڪ مان دهشتگرديء جو مڪمل خاتمو نه ٿي سگھندو.اها ڪهڙي نه سمجھ ۾ ايندڙ حقيقت آهي،پورو عوام اها ئي ڳالھ بار بار ڪري رهيو آهي.بنان متڀيڌ ۽ فرق جي سڀني جو احتساب هئڻ گھرجي،انهيء تي چڙڻ يا انهيء کي جمهوريت جي لاء خطرو قرار ڏيڻ جي خبر ناهي ڪهڙي منطق آهي.سڀ سڄاڻ ڌريون ۽ عوام گذريل ڪيتري عرصي کان اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته احتساب منصفاڻو،شفاف ،اڻ ڌريو ۽ بنان ڪنهن فرق جي هئڻ گھرجي.جڏهن احتساب جي عمل لاء“ اڪراس دي بورڊ ”جو لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته زندگيء جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ڪرپٽ عناصر جو احتساب ٿيڻ گھرجي جن ۾ سياستدانن سان گڏ جنرل،صحافي،مذهبي جماعتون،اين جي اوز، جج،وڪيل،آفيسر، واپاري۽ ڪارخانيدار انهيء ۾ شامل آهن هاڻي.جڏهن به انهيء احتساب جي لاء ڪٿان ڪو آواز يا صلاح اچي ٿي ته ان وقت جمهوريت کي خطرو لاڳو ٿي وڃي ٿو. مسئلو رڳو اهو ناهي جو ڪرپشن جي خلاف ڪنهن موثر احتسابي عمل جي خلاف رڳو ڪرپٽ سياستدان ئي “جمهوريت جي خلاف سازش” جون رڙيون ڪن ٿا پر هتي ته پوري سياسي ڪرپٽ مافيا آهي جنهن ۾  ڪجھ وڪيل، صحافي،اينڪرز۽ اين جي او اڳواڻ وغيره به شامل آهن جن کي خوف آهي ته جيڪر ملڪ ۾ هڪ دفعو حقيقي احتساب جو ڪو نظام عمل ۾ اچي ويو ته پوء انهن سڀني جي پارسائيء جو ڀانڊو ڦاٽي پوندو ان ڪري اهي سڀ گڏجي ان احتسابي عمل خلاف مزاحمت ڪرڻ لڳن ٿا.انهيء مزاحمت جي لاء جيئن ته وٽن ٻيو ڪو جواز موجود ناهي ان ڪري جمهوريت جمهوريت ڪرڻ لڳن ٿا.جنهن آئين جون انهن کي اهي شقون هروقت ڍنڍوري پٽڻ لاء ياد رهن ٿيون جن ۾ فوج ڪنهن جمهوري حڪومت جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگھي اتي آئين جون اهي شقون انهن کي ياد ڇو نٿيون رهن جن ۾ عوام جي بنيادي حقن جو حڪومتن کي ئي تحفظ ڪرڻو آهي، شهرين جي عزت،جان ۽ مال جي حفاظت به وقت جي حڪومت جي ذميداري آهي .ماڻهن کي زندگيء جون بنيادي سهوليتون فراهم ڪرڻ به حڪومت جي اولين فرضن ۾ شامل آهي.جڏهن اپوزيشن ۽ اها نام نهاد سول سوسائٽي وقت جي ڪنهن سياسي حڪومت تي پنهن جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ لاء ڪو حقيقي دٻاء وجھڻ بدران پنهن جا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لڳي وڃي، مڪ مڪائو جي بازار گرم هجي،حڪمرانن جي بدديانتيء،ڪرپشن ۽ ڦرلٽ تي سڀ چپ سبيو ويٺا هجن.سياسي بيانبازين کان سواء عملي ميدان ۾ ٻيو ڪجھ نظر نه ايندو هجي ته پوء عوام ڪنهن مان اميدون رکي، ڪنهن ڏانهن انصاف ۽ تحفظ لاء نهاري ؟

پاناما ليڪس واري معاملي تي آخر حڪومت کي ايڏي گوٿناٿ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ پهرئين ڏينهن ئي سپريم ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس جي سربراهيء ۾ هڪ تحقيقاتي ڪميشن قائم ڪري وٺي ها ته معاملو ان حد تائين نه پهچي ها..حڪمرانن وٽ عقل ۽ حقيقت شناسي هجي ها ته جنرل راحيل شريف جون روڊن تي لڳل وڏيون تصويرون ۽ سوشل ميڊيا تي سندس تعريف ڏسي ۽ پڙهي هيستائين سڀ ڪجھ سمجھي وڃن ها ته عوام آخر سياسي حڪومت کان ايترو مايوس ڇو ٿيو آهي. ڪجھ پنهن جي افعالن ۽ پرڪارن جو جائزو وٺڻ گھربو هو ته سڄي ملڪ کي انهن جنهن جنگ جي ميدان ۽ قتل عام جي بازار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو انهيء جي ذميداريء کان آخر اهي سول حڪومتون پاڻ کي ڪيئن ٿيون آجو ڪري سگھن.هر سياسي پارٽي ء جي هڪ دهشتگرد ونگ،ڏوهارين جا حڪمرانن سان لاڳاپا،گھر گھر ۾ لاش،رستن تي نڪرڻ موت کي دعوت ڏيڻ،اهي سڀ شيون اڃا ڪلھ جي ڳالھ آهي.سپريم ڪورٽ هڻي هڻي بيهي رهي،عوام مطالبا ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو،بين الاقوامي برادري رڙيون ڪندي ڪندي لاچار ٿي ويئي پر سياسي حڪمرانن جي ڪن تي جونء به نه سري.آخر اهو ڪم جيڪو سول حڪومتن کي ڪرڻو هو سوبه فوج کي ڪرڻو پيو.اڄ جڏهن دهشتگردي،ڀتاخوري،ٽارگيٽ ڪلنگ يا ٻين ڏوهن ۾ واضح ڪمي آئي آهي ته ان جو ڪريڊٽ به فوج ڏانهن ئي وڃي ٿو ۽ هاڻي جڏهن فوجي سربراه دهشتگرديء جي مستقل خاتمي جي راه ۾ هڪ حقيقي رڪاوٽ يعني دهشتگردن جي مالي سپورٽ جيڪا اڃا تائين جاري آهي ان جي خاتمي جي لاء ڪرپشن ۽ معاشي دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪاروائيء طرف قوم ۽ وقت جي حڪمرانن جو ڌيان ڇڪائي رهيو آهي ته هر طرف کان “جمهوريت بچايو” جو صدائون بلند ٿي وڃن ٿيون.

جمهوريت کي غيرسياسي قوتن يا ادارن کان ڪوبه خطرو ناهي بلڪه جمهوريت کي اڄ به انهن سياستدانن کان ئي خطرو آهي جيڪي عوام کي صرف جمهوريت جا لالي پوپ ڏيکارڻ جي پاليسيء تي قائم رهندي، حقيقي جمهوريت قائم ڪرڻ جي لاء اڄ به بلڪل تيار ناهن.ٻيو ڪجھ ته اهي نام نهاد جمهوري حڪمران عوام کي نه ڏيئي سگھيا پر قانون نافذ ڪندڙ جوانن جي هيترين قربانين کان پوء ملڪ ۾ جيڪو امن بحال ٿيو آهي اهي ان امن کي هڪ ڀيرو وري پنهن جن سياسي ۽ معاشي مفادن جي لاء داء تي لڳائڻ لاء آتا نظر اچن ٿا.انهن کي سمجھڻ گھرجي ته امن تباه ڪندڙ ڪنهن به سازش جو هاڻي عوام حصو نه بڻبو.هي آخر ڪهڙي بيمار جمهوريت آهي جيڪا اڃا تائين آئي سي يو ۾ داخل آهي ۽ هروقت اوهان کي اهو خوف آهي ته ڪو ان جي آڪسيجن بند ڪري کيس مرحوم بنائي ڇڏي.

فوج جي ماضيء جي ڪردار جي ڳالھ ڪندا ته پوء ماضي ته سياستدانن جو به ڪو قابل مثال نه رهيو آهي.ڪير بوٽ وارن کي ماضيء ۾ سڏيندو رهيو ۽ ڪير انهن جي وزارتن ۾شامل ٿيندو رهيو،ڪير ٻين سياستدانن جي خلاف انتقامي ڪاروائيون ڪندو رهيو،ڪير ورديء وارن کي ورديء ۾ ست دفعا چونڊڻ تي فخريا انداز ۾ اعلان ڪندو رهيو.جنرل ايوب کان ويندي مشرف تائين ڪير ڪير انهن جا تخت سجائيندا ۽ درٻارون صاف ڪندا رهيا.اهي سڀ قصا تاريخ ۾ محفوظ آهن.بوٽن وارن کي قبضو ڪرڻو هوندو آهي ته پوء اهي سٺيون ۽ سچيون صلاحون نه ڏيندا آهن ۽ نه ئي انهن جي اچڻ کي اوهان جي هيء لولي لنگڙي مڪاراڻي جمهوريت ئي روڪي سگھي ٿي.عوام کي جمهوريت جي خوبصورت ديويء جي مورت پنهن جي من ۾ سجائي ان جي پوڄا ناهي ڪرڻي،عوام کي سٺي حڪمراني کپي،سندن بنيادي مسئلن جو حل کپي،امن امان کپي جيڪي شيون انهن کي صرف ان ڪري نه ملي سگھيون آهن جو جن کي چونڊي انهن ايوانن تائين پهچايو اهي صرف پئسو ڪمائڻ ۾ لڳي ويا ۽ جمهوريت توڙي عوام انهن کي صرف تڏهن ياد اچي ٿو جڏهن اهي پنهن جن ئي ڪارن ڪرتوتن سبب ڪنهن ڪن ۾ ڦاسن ٿا يا وري کين اليڪشن ۾ عوام جي ووٽ جي ضرورت پوي ٿي.

فوجي سربراه جو تازو بيان ان اشرافيا جي ڀلي پسند وٽان نه هجي پر حقيقيت اها آهي ته عوام سمجھي ٿو ته جنرل راحيل شريف عوام جي دلي جذبن ۽ خواهشن جي ترجماني ڪئي آهي.باقي ڪنهن حڪومت جو وڃڻ يا ڪنهن حڪمران جو احتساب ٿيڻ دنيا جي جمهوريتن ۾ عام روٽين آهي پر پاڪستان ۾ جمهوريت کي خطري جو راڳ ان وقت آلاپيو ويندو آهي جڏهن حڪمرانن کي سندن نااهليون ٻڌايون وينديون آهن. اسان جي ملڪ جا نام نهاد جمهوري حڪمران پنهن جي پاڇي کان خوف کائي رهيا آهن .آرمي چيف جو هاڻوڪو بيان جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاء نه پر جمهوريت کي اڳتي وڌائڻ لاء به ته سمجھي سگھججي ٿو.جيڪر اڄ به اسان جا سياسي حڪمران ڪنهن سنجيدگيء جو مظاهرو ڪن ته ملڪ ۾ مارشل لا جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي.

******

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *