آدمشماري هڪ انقلابي قدم آهي..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

الله جو شڪر ته پاڪستان ۾ اڄ اهو به ڏينهن آيو آهي جو پوري پاڪستان اندر هن آدمشماري جو آغاز ٿي رهيو آهي،مان سمجهان ٿو ته هن وقت جيڪا آدمشماري ٿي رهي آهي انهي آدمشماري ڪرائڻ ۾ سموري ڪريڊٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڏانهن وڃي ٿو.جنهن جي بار بار حڪم ڏيڻ جي حڪومت مجبور ٿي ڪري آدمشماري جي تاريخ ڏئي ڇڏي،جڏهن ته حڪومت ڪيترو وقت پنهنجي انهي ڏنل تاريخ کي مٽائيندي رهي ۽ وس آهر ڪوششون ڪندي رهي ته آدمشماري نه ٿي پر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حتمي فيصلي اڳيان سندس وس نه هليو ۽ آخر طعه  ٿيل تاريخ تي آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو،جنهن ڪري اڄ پوري ملڪ اندر آدمشماري ٿي رهي آهي،آدمشماري جي حوالي سان پاڪستان آرمي به آدمشماري جي مڪمل سپورٽ ڪري ڇڏي آهي، ته پاڪستان آرمي جي ٻه لک جوان به انهي ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اهي پاڪستان آرمي جا ٻه لک جوان اڄ پوري پاڪستان اندر پنهنجي ڊيوٽين کي سرانجام ڏيندا،جن جو ڪم آهي ته هو آدمشماري جي عملي جي تحفظ کي يقيني بڻائن،آدمشماري اسانجو بنيادي حق آهي،جڏهن ته اسين سياسي مسئلن ۾ ايترو ته گهيرجي ويا هئاسين جو آدمشماري ڄڻ ته اسانجي حڪمرانن کان وسري وئي هئي،گذريل آدمشماري کان وٺي هن وقت تائين الائي ته ڪيتريون تبديليون آيون،پر انهي وقفي دوران پاڪستاني حڪومت انڌ تي تير هلائڻ جهڙو ڪم ڪري رهي هئي،سموري ملڪ جي ڪنهن به عوامي اتحاد جو کيس عمل نه هو جنهن جي ڪري هو صوبن جو ضرورتون به پوريون نه پئي ڪري سگهي،جڏهن ته ٿيندڙ بلدياتي توڙي قومي الڪِيشن به سواءِ انگ اکرن جي ٿينديون رهيون،پاڪستاني حڪومت انڌ تي منصوبا جوڙيندي رهي ۽ (ايف ايف سي) به ايوارڊ جي تحت فنڊ جاري ڪندي رهي،يعني جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو اهو جعلي ٿيندو رهيو،جنهن جي ڪنهن کي به پوري طرح ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي وٽن ڪو انگ اکر موجود هو،ان مان اهڙي صورتحال ۾ ته هو حقيقي اسيمبلي ۾  نمائيدا به نه ٿي ٿا سگهن، ۽ قومي آمدني مان انهن کي عوام لاءِ جيڪو حصو ملي رهيو آهي،اهو عوام جي لاءِ ڪافي ناهي،حيرت ته انهي ڳالهه جي آهي ته اهڙي صورتحال اندر به سياستدان پنهنجي سياست چمڪائڻ کان باز نه پيا اچن،شايد اهو انهي ڳالهه کان ڊنل آهي ته جيڪڏهن اصل آبادي جي حقيقت جا انگ اکر سندن سامهون آيا ته سندن حقيقت سياست سڀني جي سامهون اچي ويندي،۽ ٿي سگهون ٿو ته سندن اصل سياست ختم ٿي وڃِي.ان ڪري نئي آدمشاري ٿي ته نيون تڪ بنديون ڪيون وينديون،نوان تڪ ٺاهيا ويندا،جنهن سان لساني ۽ نسلي علائقا سامهون ايندا،پاڪستان اندر رهندڙ اصل نسلي حقيقت جا سمورا انگ اکر سامهون ايندا،جنهن سان پراڻن نمائندن جا گراف هيٺ مٿي ٿيندا،۽ نوان چهرا سامهون ايندا،جنهن جي وڏي عرصي کان ڪمي محسوس ڪئي پئي وڃي،هن وقت وفاق جون ڪمزوريون سامهون اچي رهيون آهن،ڇو ته سواءِ سينٽ جي ڪجهه سيٽن کانسواءِ ڪجهه به برابر ناهي،هن وقت اهڙي صورتحال اندر آدمشماري ٿي رهي آهي جيڪو مان سمجهان ٿو ته هڪ انقلابي قدم آهي،انهي آدمشماري کي شفاف ڪرائڻ هڪ بنيادي ضرورت آهي،ڇو ته هر ڪم اعتبار تي ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن هڪ دفعو ڪنهن شيءُ تان اعتبار کجي ويندو آهي ته پوءِ ان تي اعتبار ۽ يقين ڪرڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن بڻجي ويندو آهي،اها هڪ سٺي ڳالهه آهي ته انهي آدمشماري واري عمل ۾ پاڪستاني فوج کي شامل ڪيو ويو آهي،جنهن مان شفاف آدمشماري جون تمام گهڻيون اميدون آهن،ملڪ جي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب ۽ آءِ سي وي آر جي ڊاريڪٽر جنرل ميجر آصف غفور انهي حوالي سان هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي جيڪا سڀني لاءِ هڪ وڏو پيغام هئي ته ٿيندڙ آدمشماري ۾ سيول ۽ فوجي قيادت ملي ڪري ڪم ڪندا، ۽ آدمشماري کي شفاف ڪرائڻ يقيني بڻايو ويندو،انهي باري ۾ جيڪي به تفصيلات بيان ڪيا ويا آهن،انهن جي مطابق ته آدمشماري جي حوالي سان آدمشماري جو سمورو عملو پاڪستان جي هر گهر ۾ ويندو،۽ هر ٽيم سان گڏ فوجي جوان هوندا،جيڪي گهر ۾ موجود ڀاتين جا انگ اکر پڻ جمع ڪري لکندا،۽ انهي انگ اکرن جي تصديق پڻ ڪرائي ويندي،مثال طور شناختي ڪارڊ ۽ ب فارم وغيره،جڏهن ته غلط  انگ اکر ٻڌائڻ وارن لاءِ سزا جي حد پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.اهڙي صورتحال اندر مان سمجهان ٿو ته آدمشماري کي شفاف بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پوءِ به پوري پاڪستان اندر اڃان به آدمشماري کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ حڪومت جي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته پاڪستان ۾ عوام جو هڪ طرفو فيصلو ناهي هوندو،۽ پاڪستان جا ڪيترائي علائقا اهڙا به آهن جتي جا ماڻهو پنهنجي آبادي وڌائڻ جو ڪوششون ڪري رهيا آهن،جڏهن ته پوئين ڪجهه سالن اندر آبادي ۾ اضافو به چڱو خاصو ٿيو آهي،

ٻهراڙين وارين علائقن مان انساني زندگي شهري علائقن جو رخ ڪري رهيون آهن،۽ ماڻهو هڪڙِي صوبي کان ٻئي صوبي ۾ به رهائش ڪري رهيا آهن،جئين سنڌ صوبي جو شهر ڪراچي آهي جنهن جي باري ۾ سڀني کي خبر آهي ته ڪراچي اندر،پٺاڻ،بلوچ،مهاجر،گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا،اهڙي شهر اندر ڇا شفاف آدمشماري هڪ سواليه نشان ناهي،؟مان سمجهان ٿو ته اهڙي صورتحال اندر حڪومت لاءِ هڪ وڏو چلئنج هوندو جتي هڪ شخص جي فارمولي کي يقيني بڻايو وڃي،جيڪو ماڻهون ڳوٺ مان لڏي ڪري اچي شهر ۾ رهائش پزير ٿيو آهي،جڏهن ته سندس اباڻون گهر اڃان به ڳوٺ ۾ ئي آهي،جيڪڏهن اهو ٻنهي هنڌن تي اصرار ڪري ٿو ته پوءِ معاملو الجهي سگهي ٿو،پر آدمشماري ٿيڻ ئي هڪ سٺو عمل آهي جنهن سان ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو سواءِ آدمشماري جي ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي،پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو 7 ستون نمبر وڏو ملڪ آهي جڏهن ته سرڪاري اعتبار سان سندس آبادي 18ڪروڙ آهي.جڏهن ته ورلڊ بئنڪ جي مطابق پاڪستان جي آبادي 20 ڪروڙ کان مٿي آهي.پر آدمشماري ٿيڻ کان پوءِ ئي پوري طرح خبر پئي سگهندي ته ملڪ جي آدمشماري ڪيتري آهي.هن صورت ۾ آدمشماري کي ڪهڙي نموني ڪرائي پئي وڃِي اهو هڪ سوال آهي. ملڪ جي ڪيترا بااثر سياستدان اهو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ آدمشماري نه ٿي هان .۽ آدمشماري ملتوي ٿي هان پر ائين نه ٿيو.هن دعفي پوري ملڪ کي 1لک 67هزار هائوس بلاڪس جي تقسيم ڪيو ويو آهي.ان ڪري جيڪڏهن هن وقت آدمشماري نه ٿي هان ته 2018ع ۾ ٿيڻ واري اليڪشن ۾ حڪومتن جي تمام گهڻين ڏکايائين کي منهن ڏسڻو پوي هان.ڇو ته انهي 18سالن اندر آبادي ۾ بي پناه اضافو ٿيو آهي.۽ ملڪ روزگار کان ويندي معيشت ۽ تلعيم صحت جي باري ۾ مونجهاري جو شڪار آهي.جنهن جي ڪري ملڪ اندر دهشتگردي،ڦرون،ڌاڙا،چوريون وڌي رهيون آهن.۽ شهر پنهنجي بنيادي مسئلن کان به محروم آهن.پر هاڻي آدمشماري ٿي رهي آهي جيڪو هڪ سٺو عمل آهي،جنهن مان ڪيتريون ئي سٺيون اميدون آهن،

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *