آخر ڪيستائين مائرن جون جھوليون خالي ٿينديون رهنديون؟ : منير سومرو

چانڊڪا ٻارڙن جي اسپتال ۾ آڪسيجن نه ملڻ سبب پنج ٻارڙا ڦٿڪي ڦٿڪي پنهنجن مائرن جون جھوليون خالي ڪري ويا آهن. جن جي عمر هڪ سال کان ٽن سالن تائين هئي. مائرن جون جھوليون ته ٿر ۾ به روزانو خالي ٿين پيون، جنهن لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته اتي خوراڪ جي ڪمي ۽ اسپتالن ۾ دوائن جي اڻ هوند سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن. پر اسان جي سرڪار گونگي، ٻوڙي ۽ تماشائي وارو ڪردا ادا پئي ڪري. ٿر ته ڏورانهو علائقو آهي ۽ صحت جون سهولتون اتان جي ماڻهن کي گهٽ ملن ٿيون. جڏهن ته غربت سبب ماڻهو پنهنجن ٻارڙن کي اسپتالن تائين پهچائڻ لاءِ پئسو نه هجڻ سبب مجبور آهن. پر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ هجڻ جي ڪري هن سان منسلڪ چانڊڪا سول اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، چانڊڪا وومين اسپتال ۽ چانڊڪا ٻارڙن جي اسپتال موجود آهي ۽ انهن اسپتالن ۾ اترين سنڌ سميت بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن مان هن اسپتالن ۾ مختلف بيمارين جي علاج لاءِ ماڻهو اچن ٿا. انهن اسپتالن ۾ سمورين بيمارين لاءِ ايف سي پي ايس ڊاڪٽر ۽ پروفيسر موجود آهن پر بدقسمتيءَ سان هتي به روزانو مختلف سببن جي ڪري خاص ڪري ٻارڙن واري اسپتال ۾ چار کان پنج ٻارڙا فوت ٿين ٿا. کڻي ٿر وانگر ٻارڙا نه مرندا هجن پر هتي به ٻارڙن جي مرڻ جو ڪارڻ دوائن جي کوٽ، ٻارڙن جي بيماريءَ لاءِ ڊاڪٽر جو دير سان اچڻ، آڪسيجن جي کوٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڻ آهن.

جڏهن ٻار پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي ته ڪيترائي ارمان، اُميدون ۽ خواهشون گهر جي آڳند ۾ ڦُٽي پونديون آهن، ماءُ ۽ پيءُ جي پنبڻين ۾ ڪيترائي خواب پلجي رهيا هوندا آهن، اُهي اُن نئين وجود جي اچڻ کان اڳ ڪيتريون خواهشن جون ڪيتريون ئي ٽِڪون پنهنجي زندگيءَ جي دامن تي سجائي ڇڏيندا آهن، اُن جي ٻالين ٻوتين کان وٺي بانڀڙا پائي هلڻ تائين، کٽ جي اِيس سهاري ننڍڙيون وکون کڻڻ کان وٺي چيچ پڪڙي گهر کان ٻاهر نڪرڻ تائين ڪيترائي ارمان اُن نئين جُڙندڙ وجود سان سلهاڙجي ويندا آهن ۽ اُنهن خواهشن جي هُٻڪار ۾ ماءُ اُهي سڀئي ڏک ڏاکڙا وساري ويهندي آهي، جيڪي نئين وجود جي جنم وٺڻ وقت پيش ايندا آهن. اهو ٻار جڏهن هن دنيا ۾ اچي ٿو ته ماءُ پنهنجا سڀ سور ۽ اهنج وساري ڇڏي ٿي ۽ سندس چهرو ٻهڪڻ لڳي ٿو. نه صرف ماءُ پر سڄي گهر ۾ خوشين جي هُٻڪار پکڙجي وڃي ٿي، پر جڏهن انهيءَ خوشين واري گهر ۾ ٻارڙن کي ڪجھه گهڙين کانپوءِ ڪابه بيماريءَ ٿئي ٿي ته اهي پنهنجا ڍور ڍڳا يا وري زيور وڪرو ڪري وڏي مشڪلن سان اسپتال پهچن ٿا ۽ اها ڪيڏي وڏي ستم ظريفي ٿيندي آهي، جڏهن اهي ٻارڙي کي کڻي اسپتال پهچن ٿا ته اتي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري اهو ٻارڙو جيڪو وڏي مشڪلن سان ماءُ ڄڻي ٿي، انهيءَ جي ئي هنج ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي فوت ٿي وڃي ٿو- تصور ڪريو تنهن وقت ان ماءُ جي ڪهڙي حالت ٿيندي هوندي؟

هڪڙو منظر مون کان اڄ تائين ناهي وسرندو آهي، جڏهن انهيءَ ٻارڙن واري اسپتال ۾ دستن جي بيماريءَ ۾ روزانو 4 يا 5 ٻارڙا فوت ٿيا پئي. ان دوران هڪ فوت ٿيل ٻار کي ان جي ماءُ پنهنجي هنج ۾ کڻي ان جو نالو وٺي ان کي اکيون کولڻ لاءِ چئي رهي هئي ۽ هوءَ زارو قطار روئي رهي هئي. جڏهن سندس مڙس کيس آٿت ڏيڻ لاءِ هن جي ڀرسان اچي سندس ڪلهي تي هٿ رکيو ته انهيءَ عورت سندس هٿ کي جھٽڪي سان هٽائي چيو هو ته ”منهنجي جھولي خالي ٿي وئي آهي ۽ تون مون کي آٿتون پيو ڏين.“

اهو منظر اهڙو دکدائڪ هيو، جو مان پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهيو هوس. اهڙا ڪيترائي منظر اسان جي اکين آڏو گذرن ٿا پر ڊاڪٽرن وانگر اسان به پنهنجي دل تي بار رکي پنهنجن ڳوڙهن کي ٻاهر اچڻ کان روڪي وٺندا آهيون، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا واقعا گذرن ٿا، جيڪي هيانءُ ۾ بڙڇي بڻجي لڳن ٿا. خاص ڪري جڏهن معصوم ٻارڙن جو موت ٿئي ٿو ۽ اهي ماءُ جي پيٽ کان ٻاهر اچڻ کان پوءِ هن دنيا جي خوبصورتيءَ جا منظر به نه ڏسي نٿا سگهن. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿيندو.

پاڪستان ۾ صحت جو شعبو هميشه بحران جو شڪار رهندو آيو آهي، جنهن جو سبب سرڪار پاران ان شعبي لاءِ بجيٽ گهٽ رکڻ آهي. اسان جي ملڪ جي آباديءَ جو 27 سيڪڙو سرڪاري ملازم ۽ ٻين خاص ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ صحت جون مڪمل سهولتون آهن. جڏهن ته باقي 73 سيڪڙو آباديءَ لاءِ صحت جون بنيادي سهولتون نه هجڻ برابر آهن ۽ علاج لاءِ ماڻهن کي خرچ ڪرڻو ٿو پوي ۽ اهو عذاب لکين ماڻهن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. جيڪي صحت لاءِ خرچ ڪرڻ کان وانجھيل آهن. حالانڪه صحت توڙي تعليم انسان جون بنيادي ضرورتون آهن، جنهن جي پورائي لاءِ حڪومت ذميوار رهي ٿي، پر اسان وٽ حڪومت اهو سمجھي ٿي ته صحت ۽ تعليم حڪومت جو نه پر ماڻهن جو پنهنجو مسئلو آهي، جنهن سبب صحت تي بجيٽ جو تمام ٿورڙو حصو رکيو ٿو وڃي ۽ ضلعن توڙي تعلقن جي اسپتالن ۾ دوائن جي سخت کوٽ ٿئي ٿي، جنهن سبب ماڻهو پنهنجي علاج لاءِ گهران خرچ ڪري رهيا آهن.

اسان جي حڪومتن جي اها ڪمزوري رهي آهي ته اهي پنهنجن صوبن توڙي وفاق ۾ قانون تي عملدرآمد نه ڪرائڻ سبب اسپتالن جا عملدار پنهنجي مرضيءَ سان اسپتالن جي بجيٽ کي استعمال ڪن ٿا. جڏهن ته سرڪاري اسپتالون هجڻ جي باوجود مريضن کان مختلف ٽيسٽن، او پي ڊي ۾ ڏيکارڻ لاءِ فيون ۽ مختلف مدن ۾ مريضن کان رقم حاصل ڪن ٿا. جن جي ڪابه آڊٽ نه ٿيندي آهي ۽ اهي اسپتالن جي انتظاميا جي وس هوندو آهي ته انهن پئسن کي ڪٿي به خرچ ڪن، کانئن ڪوبه پڇڻ وارو ناهي. اهو ئي سبب آهي جو سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي بهتر نگهداشت نه هجڻ ۽ سرڪاري طور تي مريضن کي دوائون نه ملڻ سبب اهي زندگيءَ جي بازي هاري ويهن ٿا. ان جي باوجود سرڪار خاموشي سان اهو سڀ ڪجھه ڏسي رهي هوندي آهي ۽ پنهنجن بيانن ۾ سڀ ٺيڪ آهي جو رينگٽ آلاپي وقت گذاري رهي ٿي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرڪار کي وقت سر اسپتالن لاءِ نه صرف بجيٽ مهيا ڪري ڏني وڃي پر جن اسپتالن ۾ مريضن جي داخلا وڌيڪ ٿئي ٿي، انهن اسپتالن لاءِ بجيٽ ۾ واڌارو ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ انهن بجيٽن جي خرچن متعلق سرڪار ڌيان ڏئي ۽ انهن تي ڪنٽرول ڪري پڇاڻو ڪيو وڃي ته بجيٽ ڪهڙن ڪهڙن مدن ۾ خرچ ٿئي پئي؟ اها به پڪ ڪئي وڃي ته سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جو علاج بلڪل مفت ٿئي ٿو يا ۽ انهن اسپتالن ۾ هر مرض جون دوائون ۽ ٻيو انتهائي ضروري سامان مهيا ٿيل آهي يا نه؟ اهي مشينون جيڪي انتهائي ضروري آهن، انهن جي خراب ٿيڻ يا نه هجڻ جي سلسلي ۾ اسپتالن جي انتظاميا کان پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ کانئن سبب پڇيا وڃن ته مهانگايون مشينون بند هجڻ يا ناڪارا ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟ سرڪار جي اهڙي نظر جيڪڏهن اسپتالن مٿان هوندي ته پوءِ ڪنهن کي به اها جرئت نه ٿيندي ته اهي مريضن کي دوائون ۽ انهن جي مختلف ٽيسٽن لاءِ آيل مشينن جو غلط استعمال ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *