آخري مرحلي ۾ پهتل جي آءِ ٽي جي جاچ: واحد پارس هيسباڻي

پاناما مامري جي جاچ لاءِ جُڙيل جي آءِ ٽي تقريباً جاچ جي آخري مرحلي ۾ پهچي وئي آهي. کيس مليل 60 ڏينهن وارو عرصو 7 جولاءِ تي پورو ٿي رهيو آهي. عدالت طرفان کيس 10 جولاءِ تي هر صورت ۾ حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم مليل آهي. جي آءِ ٽي طرفان هينئر تائين جيڪي 3 رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايون ويون آهن، انهن ۾ ڇا آهي؟ ان بابت پاڻ  ته ڪجهه به نٿا ڄاڻون، پر بظاهر نظر ايندڙ صورتحال کي ڏسي ڪيترائي مبصر اهو چوندي ٻُڌجي رهيا آهن ته حالتون شريف خاندان جي حق ۾ نظر نه پيون اچن. اهڙي قسم جي تبصرن، تجزين ۽ امڪانن کي وڌيڪ هٿي وري  نواز سرڪار جي وزيرن، مشيرن توڙي ”سرڪرده“ اڳواڻن جي وڌيل بلڊپريشر جي ڪري به ملي آهي. جنهن جذباتي قسم جي تقرير جي شروعات نهال هاشمي کان ٿي. اهڙي قسم جو جذبات هاڻي نواز ليگ اينڊ ڪمپني ۾ جيئن پوءِ تيئن شديد ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. ميڊيائي خبرون آهن ته وڏي ميان صاحب  طرفان خود پنهنجي ’وفاداران ‘ ۽ ’همدردان‘ کي سائي جهنڊي ڏيکاري وئي آهي ته ميڊيا توڙي ميڊيا کان ٻاهر ڪم کي ڇڪي رکو،  پوءِ جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه نواز سرڪار جي ويجهن ماڻهن جي جذبات جو پارو چوٽ چڙهيل آهي.

حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته عام طور تي ٿڌي مزاج ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ جي حوالي سان مشهور اسحاق ڊار به هن موقعي تي پنهنجي جذبات تي قابو نه رکي سگهيو آهي ۽ ڪاوڙ  جا رڪارڊ ٽوڙيندي نظر اچي رهيو آهي. تازو جي آءِ ٽي جي سڏ تي وڃڻ وقت هي جيترو پرسڪون ۽ خوشگوار نظر اچي رهيو هو. واپسيءَ تي وري  اوترو ئي جذباتي نظر اچي رهيو هو. ميڊيا تي اڃا تائين  به ڏاڍي دلچسپ انداز  ۾ اهي تبصرا هلندڙ آهن ته نيٺ اهڙو ڇا ٿيو جو هر وقت خزاني واري حساب ڪتاب ۾ مصروف اسحاق ڊار کي ٻاهر جي دنيا نظر اچي وئي ۽  ائين جذباتي ٿي ويو. سندس اها پرسڪوني نيٺ اوچتو ئي اوچتو جذباتيت ۾ ڪيئن تبديل ٿي وئي. جي آءِ ٽي طرفان کانئس اهڙو ڇا پڇيو ويو، جنهن کيس ايترو جذباتي بڻائي ڇڏيو. بهرحال محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته اسحاق ڊار  کان ڪا سخت پڇا ڳاڇا ٿي آهي يا وري هن به پنهنجي باقي پارٽي جي ساٿين وانگر ’جاڙي به جڳ سنئين‘ وارو دڳ ورتو آهي.

ميان صاحب جو وڏو فرزندِ ارجمند حسين نواز  ٽيون ڏينهن خيرن سان ڇهون ڀيرو  جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيو آهي ۽ سندس تازي پيشي دوران ماڻهن نه رڳو سندس چهري جي ڏاڙهي مبارڪ واري نئين اسٽائيل کي  ڏٺو پر سندس انداز بيان کي به بدليل بدليل محسوس ڪيو. تازي  پيشي تي هو ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ جذباتي نظر آيو ۽ اهو چوندي ته ”خبردار جي آءِ ٽي ۽ رياستي اهلڪار غير قانوني ڪم کان اڳ سوچين ته سڀاڻي پاڻ به ڪٽهڙي ۾ نه هجن…“ سندس چهري جا تيور ڏسڻ  وٽان هئا. مبصر سندس انهن جملن کي نه رڳو معنيٰ خيز چئي رهيا آهن پر اهي به امڪان ڏيکاري رهيا آهن ته ڪٿي سندس اهي لفظ هن لاءِ ڪا نئين مصيبت نه پيدا ڪن. حسين نواز جي تازي بدليل ۽ جذباتي انداز کي به ڪافي مبصر ان ساڳي حڪمت عملي جو حصو چئي  رهيا آهن جنهن جي ميان صاحب طرفان خود سائي جهنڊي ڏيکاريل ٻڌائي پئي وڃي.

ميان صاحب جي ٻنهي  فرزندن سان گڏ نيٺ سندس پياري نياڻي مريم نواز به جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿي چڪي، جنهن جي وري والدين کان وڌيڪ تڪليف نواز سرڪار جي شعلا بيان  وزيرن کي آهي ۽ اُهي ان معاملي تي صفا هٿن مان ويندي نظر اچي رهيا آهن. جي آءِ ٽي طرفان مريم نواز کي گهرائڻ جو وڏو ڏک ڇوٽي ميان صاحب عرف عام خادم اعليٰ پنجاب کي به ٿيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته مريم نواز جي جي آءِ ٽي ۾ طلبي جو اخلاقي جواز ناهي. اسان جي تهذيب عورتن جو احترام سيکاريو آهي. مون کي خبر ناهي اهڙي قسم جي ڳالهه ڪرڻ وقت ڪنهن صحافي ڇوٽي ميان صاحب  کي اهو وقت ياد ڇو نه ڏياريو، جڏهن محترمه کي هڪ ڏينهن ۾ ڪيترين ئي ڪورٽن جو چڪر ڪٽرائڻ سان گڏ جيل ۾ بند پنهنجي ور سان ملاقات ۾ به رنڊڪون وڌيون وينديون هيون. ڇا اُن وقت شريف برادران کي عورتن جي احترام واري تهذيب ياد نه هوندي هئي؟ واقعي جٿي باهه ٻلي اها جاءِ جلي…. بهرحال شريف خاندان توڙي سندن همنوائن جن سدائين بادشاهي واري زندگي گذاري ۽ اقتدار کي پنهنجي مرضي ۽ خواهش جو طابع بڻائي انجواءِ  ڪيو. هن وقت اُهي تاريخ جي انتهائي ڪڙي موڙ مان گذري رهيا آهن. بقول هڪ سياسي مبصر جي ته جيڪڏهن هو هي موڙ صبر ۽ تحمل سان گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته ممڪن آهي ته سندن سياسي مستقبل جي بهتري جي ڪا گنجائش نڪري اچي پر جيڪڏهن هنن ساڳيو ماضيءَ وارو طرز انداز اختيار ڪيو ۽ عدالتي فيصلن کي قبول ڪرڻ بدران جذبات جي وهڪري ۾ پاڻ کي لوڙهي ڇڏيو ته شايد سندن اهو عمل هن ڀيري سندن سياسي مستقبل کي به لوڙهي وڃي. جيڪڏهن هي سمجهن ٿا ته پاناما واري معاملي ۾ سندن ڪو به ڏوهه ناهي ۽ مٿن لڳل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي ته پوءِ گهٻرائڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي! جاچ ذريعي کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي وڃڻو آهي پوءِ ايتري جذباتي انداز اختيار ڪرڻ جي ڪهڙي گهرج آهي. جيڪڏهن معاملي کي انصاف ۽ جمهوري نقطئه نظر سان ڏسجي ته شريف خاندان ۽ سندن ساٿين جو صبر ۽ تحمل تي مشتمل سهڪاري رويو عوامي سطح تي خود سندن لاءِ بهتر تاثر ڪري سگهي ٿو ۽ اُهي ان ذريعي اهو پيغام ڏئي سگهن ٿا ته ڏسو اقتدار ۾ هجڻ جي باوجود اسان ڪيئن خاموشي سان پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان وٽ ادارن جو ڪيترو احترام آهي. حقيقت ۾ جذباتي رويو اختيار ڪري نه رڳو شڪ شبهن واري ماحول کي وڌايو پيو وڃي پر ڄڻ ته پنهنجي سڄي ڪيل ڪمائي پڻ وڃائي پئي وڃي. ماضيءَ ۾ هن  قسم جي جذباتي رويي جو نتيجو ڇا نڪتو آهي ان کان چڱي ريت واقف هجڻ جي باوجود به ساڳين روين جو ورجاءُ حيران ڪندڙ آهي.

جي آءِ ٽي طرفان معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي گهرايو ويو آهي، جن کان هن ڪيس جي مختلف پاسن جي جاچ ڪئي وئي آهي. خبرون آهن ته پاناما معاملي تي خط لکندڙ  مشهور  ڪردار قطري شهزادي کي به ان جاچ هيٺ آندو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڇهن سوالن تي مشتمل سوال نامو تيار ٿيڻ جون خبرون پڻ ٻڌجي رهيون آهن جن ۾ لنڊن جي فليٽن جي خريداري سميت دبئي ۽ جدي جي اسٽيل ملن جي خريداري وارا سوال شامل هجڻ ٻڌايا پيا وڃن. ميڊيائي رپورٽن موجب جي آءِ ٽي طرفان قطري شهزادي کان جاچ لاءِ دوحا وڃڻ جا به امڪان آهن. جن سوالن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن انهن ۾ هڪڙو سوال اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته قطري شهزادي کان پڇيو ويندو ته جڏهن لنڊن جا فليٽ 2006ع ۾ خريد ڪيا ويا ته اُهي 90ع واري ڏهاڪي  ۾ شريف خاندان جي استعمال هيٺ ڪيئن آيا؟ ۽ انهن جي خريداري لاءِ سرمايو ڪٿان آيو؟ بهرحال اِهي ته ميڊيائي خبرون آهن. جي آءِ ٽي قطري شهزادي کان جاچ لاءِ دوحا وڃي ٿي يا نه ۽ جيڪڏهن وڃي ٿي ته سوالن جي نوعيت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ان بابت پاڻ اڳواٽ ڪجهه به نٿا چئي سگهون ۽ ڪجهه چوڻ  مناسب به ناهي، بهتر ائين ئي ٿيندو ته ايندڙ وقت جو انتظار ڪيو وڃي، جيڪو هاڻي گهڻو پري ناهي. جي آءِ ٽي جنهن کي ڏهه جولاءِ تي هر صورت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ حتمي رپورٽ پيش ڪرڻي آهي. هاڻي جڏهن اُن ڏهين تاريخ ۾ باقي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏينهن مس بچيا آهن ته عوام جو سپينس وڌي رهيو آهي ۽ انهن جي ذهن ۾ اهو سوال اڀري رهيو آهي ته اها  رپورٽ ڪهڙي قسم جي ٿي سگهي ٿي ۽ رپورٽ جو ملڪي سياست تي ڪهڙو اثر پئجي سگهي ٿو؟ تحريڪ انصاف سميت مخالف ڌريون جيڪي رپورٽ اچڻ کان اڳ ئي عوام کي نواز حڪومت جي گهر روانگي، نئين اليڪشن جي اعلان سميت مختلف قسمن جون خوشخبريون ٻڌائي رهيا آهن، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته  انهن جيڪو سوچي رکيو آهي اُهو ٿيندو يا سندن سمورين اُميدن ۽ خواهشن تي پاڻي ڦري ويندو.

بحرحال هاڻي جڏهن جاچ پنهنجي آخري مرحلي ۾ پهچي چڪي آهي ته بهتر ائين ٿيندو ته اجايو افراتفري وارو ماحول پيدا ڪرڻ بدران صبر سان ان رپورٽ جو انتظار ڪجي ۽ رپورٽ جيڪا به اچي ٿي ان کانپوءِ ئي پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪجي.

wahidparas@yahoo.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *