آبادگارن ۽ شگر ملز مالڪن وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ؛غلام حسين خاصخيلي

سنڌ ۾ شگر ملز مالڪن ۽ آبادگارن جي وچ ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ کي چار مهينا گذري چڪا آهن پر اڃا تائين ڪمند جي اگهه وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه 182 روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. اهڙي نوٽيفيڪشن جاري ٿيڻ کانپوءِ شگر ملز مالڪن اگهه جي معاملي کي کڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هليا ويا هئا ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادگارن سنڌ حڪومت ۽ مل مالڪن کي گڏيل طور اگهه جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اهڙي حڪم کانپوءِ فوري طور سنڌ حڪومت 155 روپيا في مڻ ڪمند جو اگهه مقرر ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو هو. اهڙي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تي سڄي سنڌ ۾ آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا هئا ۽ اهڙي صورتحال کي ڏسي سنڌ حڪومت ٻيهر 182 روپيا في مڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ 7 لک 30 هزار ايڪڙن تي ڪمند پوکيل آهي. شگر ڪين ايڪٽ مطابق سمورين شگر ملن کي پهرين آڪٽوبر کان چمنيون ٻارڻيون هيون پر سنڌ ۾ 23 شگر ملن مان چند شگر ملن ڊسمبر جي 15 تاريخ تي چمنيون ٻاريون هيون ۽ آبادگارن کان ڪمند 182 روپيا في مڻ وٺڻ کان انڪار ڪندي 155 روپيا في مڻ تي ڪمند و‎ٺنديون رهيون. اهڙي صورتحال تي آبادگارن احتجاج طور ڪمند جي ڪٽائي بند ڪري ڇڏي. ڪمند جي ڪٽائي بند ٿيڻ سبب ۽ شگر ملز مالڪن جي ضد سبب سنڌ ۾ پوکيل ڪمند جي ڪٽائي وقت تي نه ٿي سگهي، جنهن سبب ڪڻڪ جي پوکائي وارو فصل پوکجي نه سگهيو. اهڙي صورتحال سبب سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکائي متاثر ٿي وئي ۽ ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي اندر ڪڻڪ جي کوٽ جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. جڏهن ته فيبروري مهيني کان ڪمند جي پوکائي واري موسم شروع ٿيڻ واري آهي. اها پوکائي به متاثر ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي طرفان آبادگارن، سنڌ حڪومت ۽ شگر ملز مالڪن کي اگهه واري مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جيڪو حڪم ڏنو هو، اُن تي جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان عمل ٿي وڃي ها ۽ آبادگارن کان ڪمند 182 روپيا في مڻ ملن وارا وٺي ڇڏين ها ته هيڏو وڏو بحران سنڌ ۾ پيدا نه ٿئي ها. اهڙي ڇڪتاڻ سبب ۽ شگر ملز مالڪن طرفان ڪمند جي ان اگهه کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال سنڌ جي آبادگارن کي وڏو نقصان پهچائي رهي آهي. آبادگارن جي طرفان ڪمند جي في ايڪڙ تي هزارين روپيا خرچ ڪيو وڃي ٿو ۽ موٽ ۾ جنهن وقت ڪمند لهي ٿو ته اگهه سستو ملي ٿو، جنهن سبب آبادگارن جي طرفان ڪيل خرچ به نڪري به نه ٿو سگهي. سنڌ حڪومت جي اها ذميواري بڻجي ٿي ته اُها شگر ڪين ايڪٽ تي عمل ڪرائي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت سختي سان قدم کڻندي شگر ڪين ايڪٽ تحت قانوني ڪارروائي ڪري ها ته مل مالڪن طرفان ايڏو وڏو مسئلو پيدا نه ٿئي ها.

ڪمند جي پنجاب ۾ صورتحال تي نظر وجهون ٿا ته پنجاب ۾ ڪمند في مڻ 180 روپيا شگر ملن وارا کڻي رهيا آهن ۽ پنجاب حڪومت طرفان ان اگهه تي باقاعدي سان عمل به ڪرايو ويو آهي. جيڪڏهن پنجاب حڪومت اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي ته پوءِ سنڌ حڪومت قانون تي عمل ڇو نه ٿي ڪرائي. سنڌ ۾ آبادگارن ڪمند جو اگهه نه ملڻ سبب اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته ايندڙ سال کان سڄي سنڌ ۾ ڪو به آبادگار ڪمند نه پوکيندو. آبادگارن طرفان اهڙي اعلان کانپوءِ سنڌ ۾ صورتحال ايندڙ سال وڌيڪ خراب ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، جيڪڏهن ايندڙ سال آبادگارن ڪمند نه پوکيو ته سنڌ ۾ کنڊ جي کوٽ جو تمام وڏو بحران پيدا ٿي ويندو ۽ کنڊ جا اگهه چوٽ چڙهي ويندا. جيڪڏهن کنڊ ٻين علائقن مان گهرائي سنڌ ۾ وڪرو ڪئي وئي ته ان جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪندو ۽ کنڊ جي مهانگي ٿيڻ سان اُن جو اثر غريب ماڻهن تي تمام وڏو پوندو. جيڪڏهن کنڊ مهانگي ٿي وئي ته پوءِ سنڌ ۾ چانهه جا اگهه به چوٽ چڙهي ويندا. موجوده وقت ۾ چانهه جو استعمال تمام گهڻو ٿئي ٿو. ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي ڪمند جي ان اگهه واري مسئلي کي حل ڪرايو وڃي ۽ شگر ملز مالڪن کي گهرجي ته اُهي پنهنجي ضد کي ڇڏي ڏين ۽ حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهه تي ڪمند وٺن. جيڪڏهن سنڌ ۾ آبادگارن ڪمند پوکڻ بند ڪري ڇڏيو ته پوءِ سنڌ ۾ موجود 23 شگر ملز جو ڇا ٿيندو ۽ پوءِ شگر ملز مالڪن کي تمام وڏو نقصان ٿيندو. ڇو ته آبادگار ڪمند جي جاءِ تي ٻيو ڪو فصل پوکي ڇڏيندا ۽ اُهو پوکيل فصل مارڪيٽ ۾ آساني سان وڪرو ٿي ويندو.

سنڌ ۾ ڪمند جي اگهه جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي ۽ اها صورتحال ته ڇڪتاڻ تي بيٺل آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي ٻين زرعي فصلن تي نظر وجهون ٿا ته انهن جا اگهه به تمام گهٽ آهن، جنهن وقت ڦٽيون مارڪيٽ ۾ لٿيون هيون ته ان وقت حڪومت جي طرفان مارڪيٽ ۾ ڦٽين جو ڪو به امدادي اگهه مقرر ٿيل نه هو، جنهن سبب ڦٽيون شروع واري ڏهاڙن ۾ 2500 روپيا مڻ واپاري وٺي رهيا هئا ۽ پوءِ ڦٽين جو اگهه 1500 روپيا في مڻ تي پهتو هو، جنهن ڪري ڦٽين واري فصل ۾ آبادگارن کي تمام وڏو نقصان پهتو ۽ فصل تي ڪيل خرچ به نڪري نه سگهيو. اهڙي طرح ساريون اتر سنڌ ۾ تمام گهڻيون پوکيون وڃن ٿيون. سارين جو فصل لهي چڪو آهي پر حڪومت طرفان سارين جي امدادي اگهه مقرر نه ٿيڻ سبب آبادگار سخت پريشاني واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ حڪومت فوري طور تي زرعي فصلن جا امدادي اگهه مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ته جيئن آبادگارن طرفان فصلن تي ڪيل خرچ لهي سگهي. جيڪڏهن حڪومت زرعي فصلن جا امدادي اگهه مقرر نه ڪيا ته پوءِ زميندار توڙي هاري معاشي طور تي بدتر صورتحال تي پهچي ويندا ۽ غربت وڌي سگهي ٿي. غربت جي وڌڻ سان حالت وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. زرعي فصلن جا اگهه مقرر ٿين ئي نه ٿا ۽ زرعي دوائن يوريا ڀاڻ جا اگهه ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهي ويا آهن. زرعي دوائن يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۾ اضافي سبب آبادگار پريشاني واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. آبادگارن سنڌ حڪومت کي اها تجويز ڏني آهي ته سارين جي آبادگارن کي في ايڪڙ تي 5 هزار روپيا سبسڊي ڏني وڃي.

سنڌ ۾ زرعي دوائون وڏي پئماني تي جعلي وڪرو ٿي رهيون آهن، انهن جعلي دوائن وڪرو ڪندڙن جي خلاف سنڌ حڪومت سان لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ڪا به ڪارروائي نه ڪري رهيا آهن، جيڪي زرعي دوائن جا ڊيلر جعلي دوائون وڪرو ڪن ٿا، اُهي حڪومت سان لاڳاپيل ڪيترن ئي آفيسرن جا کيسا گرم ڪريو ڇڏين، جنهن ڪري جعلي زرعي دوا وڪرو ڪندڙ آساني سان اهو ڌنڌو ڪرڻ ۾ ڪامياب آهن. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اهڙين جعلي دوائن وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ملوث آفيسرن خلاف به قدم کنيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *