­عمرڪوٽ ۾ سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ڏنل ڀيٽا : سجاد علي قائمخاني. عمرڪوٽ

سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ سماجي دنيا ۾ پنهنجو الڳ مقام جوڙيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي هر سال وانگي هن سال به 32 ورسي عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ تمام شانئتي نموني سان ملهائي وئي جنهن ۾ هر مڪتب فڪر سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ معزيز شهرين ، سول سوسائيٽي جي نمائندن ڀرپور نموني سان شرڪت ڪري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت کي لفظي ڀيٽا پيش ڪئي ، ورسي تقريب 10 مارچ جي ڏينهن صبح 11 وڳي عمرڪُوٽ جي پريس ڪلب جي هال ۾ شروع ٿي ۽ تقريب جو باقاعدگي سان آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو جڏهن ته ورسي تقريب ۾ ڪمپرينگ جا فرائيض جاويد احمد مهر سرانجام ڏنا ، ورسي تقريب ۾ خطاب ڪندي سنڌ جي نالي واري قومي انقلابي شاعر حليم باغي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت گهڻ رکي هئي ۽ سندس زندگي جا کوڙ سارا فطري رنگ هئا ، هن زندگي ڀرپور ۽ با مقصد ۾ گذاري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي جدوجهد جو نالو آهي، پاڻ سنڌ جي پيڙهيل طبقي ۾ جدوجهد ڪري سڄاڳي آندي، نئون روح ڦونڪيو، پاڻ انسان دوست خوشخلق ۽ رلڻوملڻو ماڻهو هو، ايماندار، ڪچهرين جو ڪوڏيو، يارن جو يار، اصول پرست ۽ هميشه اصولن جي پيروي ڪندڙ ماڻهو هو، مهمان خاص مير نادر علي ابڙو خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت جا مختلف رک هئا ۽ پاڻ مختلف شعبن ۾ پاڻ مجايو پاڪستان جو واحد جج هو جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو لاڙڪاڻي ۾ سر شهنواز خان ڀٽو ادبي لائبري جو بنياد رکيو ، غريب هارين جو ڀر جهلو رهيو ، هن ضلعي جيڪب آباد ۾ وڏيرا شاهي واري ضلعي ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جو بنياد رکيو هو سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن مان هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو ، سنڌ جي  ناليواري اديب سماج سڌارڪ رسول بخش رحمداڻي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو مشهور اديب هو، جنهن جي اوطاق تي هميشه اديبن جون ڪچهريون سجنديون هيون، پاڻ لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز لائبريري جو بنياد رکيائين ، سڄي ڄمار تڪليفن ۾ هوندي به خوشيون ورهايون، سماج ۾ هڪ تبديلي آندي، اڄ اسان وٽ سچا ماڻهو تڪليف ۾ آهن،  سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت ڪرڻ جو نرالو انداز هو هن انهن حالتن ۾ سنڌي ماڻهن کي بيدار ڪيو جنهن وقت سنڌ ۾ وڏيرا شاهي جو عروج هو ، هن سنڌي ادبي سنگت ۽ هاري جي تنظيمن جو بگڙيل هوليو اهڙي نموني ٺيڪ ڪيو هن ۾ سندس انٿڪ محنت۽ جدوجهد شامل هئي ڪڏهن به پنهنجي اولاد ۽ خاندان کي ٽائيم نه ڏني سگهيو ، ڏتڙيل عوام ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي زندگي گذاري.

مولانا عبدالقادر جمالي  خطاب ۾ چيو ته ڪامريڊ تاج محمد واحد جج هو، جنهن کي ڪامريڊ جوخطاب مليو، اهو هن ڪري جو هميشه غريب سان انصاف ڪيو ۽ انهن جي حقن جو علمبردار هو، سندن جو ڪردار تاريخ ساز رهيو، سماجي اڳواڻ ۽ اديبا جي صدر نورجهان گيلڙو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي مشن کي اڳتي وٺي هلڻ جي ضرورت آهي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو عورتن جي تعليم جي حوالي سان وڏي جدوجهد ڪئي ۽ هميشه پنهنجي اصولن تي قائم رهيو، هن جو درس ۽ سبق انسانيت ذات جوِ ڀلو، بهتري فلاح و بهبود هو، سماجي اڳواڻ عبدالله کوسو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو خانداني ماڻهو هو، هن غريب ماڻهن کي زبان ڏني ۽ سمجهايو ته اهي پنهنجا حق ڪيئن وٺي سگهن ٿا ۽ ڪهڙي نموني پنهنجو جيون بصر ٿا ڪري سگهن. سندن جي جنگ غلامي خلاف هئي. سماجي اڳواڻ امام بخش خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جون ادب ۽ سماجي دنيا ۾ اڻڳڻيون خدمتون آهن، پاڻ تمام وڏو دانشور هو، هن سان گڏ تمام وڏو صحافي هو، پاڻ ڊان اخبار جو سب ايڊيٽر رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو نيوز ڪاسٽر به رهيو، غريبن ۽ هارين جو ڀرجهلو هو، سندن نالي تي لاڙڪاڻي ۾ آشرم ۽ عمرڪوٽ ۾ لا ڪاليج تعمير ڪيو وڃي، عورت اڳواڻ گلزار ڪنڀر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تمام وڏي لڏي جو ماڻهو ۽ گمنامي واري زندگي ۾ ڌرتي کي گهڻو ڪجهه ڏيئي ويو، بالادستي واري نظام کي جهڪايو، سندن مشن انسانيت جي خدمت هو، جنهن مشن کي اڳتي وٺي هلڻ جي ضرورت آهي.

هن موقعي تي نالي واري ڪالم ليکڪ غلام محمد ڪنڀر چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذات ۾ انجمن هو، سندن ٻاريل ڏياٽي جي روشني سنڌ جي اونڌاهي، جاگيرداري ثقافتي قدرن واري ڌند کي چيرندڙ ۽ ڦاريندڙ هئي، ، سجاد علي قائمخاني چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو  پنهنجي ذات ۾ انجمن هو سندن ٻاريل ڏياٽي جي روشني  سنڌ جي اونداهي جاگيرداري ثقافتي قدرن واري ڌنڌ کي چيريندڙ فاڙيندڙ هئي سندس شخصيت گهڻ رکي هئي  پاڻ نياڻين جي تعليم لاءِ وڏي جهدوجهد  ڪئي سنڌ جي اديبن ۾ سجاڳي آندي سندس لاڏاڻي بعد هڪ دور  پڄاڻي تي پهتو  ڪامريڊ تاج محمد ابڙو  سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن جي سٿ ۾ شامل هو ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ هن جي عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن  ۾ سورنهري اکرن سان سانڍيل آهي لاڙڪاڻي م سندس نالي تي آشرم تعمير ڪرڻ عمرڪوٽ ۾ لا ڪاليج تعمير ڪرڻ جون قراردادون پيش ڪيون ، جڏهن ته  ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 32هين ورسي تقريب کي صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ عمر سومرو ، سيد عمران شاهه ، محمد علي ڪنڀر،ناهيد خٽڪ ، خان محمد هاليپوٽو ، ڪانجي ملي رکيسر ،الياس ٿري ،نور محمد نوهڙي ، دلبر ڀيو ، اوي گوسوامي ، لجپت مالهي، علي مراد دل ، رمضان ڪنڀر ، جاويد مهر ، رميش ڪمار ڪلال ، علي حسن غوري ، نارائڻ مالهي ، اسد الله حسني ، استاد ڏيارام، ٽيڪم ميگهواڙ، ، راجه رامچند مالهي، نواز کوسو ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا.

sajaadkk@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *